ٿر جي راڄوڻي سياست جي انوکي ڪردار جي ڪهاڻي، علي نواز راهمون

نظرياتي سياست بدران ٿر ۾ راڄ ڀاڳ جي سياست رهندي آئي آهي ۽ گُذريل  ٻن اليڪشن کان اڳ ۾ ڪڏهن به ٿر جي سياست ۾ رت جي راند شامل ڪونه رهي. هميشه امن، آشتي ۽ پيار پاٻوهه واري ديس ۾، ”هڪڙو چئي ته ٻيو سَهَي“ واري سنڌي چوڻي مثل رواج رهيو آهي، پر هاڻي ڪُجهه ڌرين جي اقتداري لالچ وڌي وڃڻ سبب اڻ سهپ ۽ عدم تشدد جون ڪارروايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. شايد انهيءَ اقتداري ڊوڙ  وارن کي صرف هڪڙي ئي واٽ سُجهي ٿي ته عزت ۽ مان مرتبو صرف ۽ صرف اقتدار، اختيار ۽ هٿيارن جي زور تي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو نه ته حياءَ ۽ مت شرم جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڪونه وڃن ها! پر اهڙي وٺ وٺان ۽ انا جي ڊوڙ واري دؤر ۾ به ڪي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار وسيلي ٿر جي عام ماڻهو لاءِ ڏڍ ۽ ميٺ محبت ۽ راڄ ڀاڳ جي پرگهور لهندا اچن ۽ وقت وارن جا وار سَهَي به صبر جو دامن ڪونه ٿا ڇڏين، اهڙن ئي ڀلوڙ ڪردارن منجان آهي ارباب مقبول احمد راهمون جيڪو ظاهري طور 22 سيپٽمبر 2014ع ڌاري هن فاني دنيا کي خيرباد چئي چڪو آهي. ٿر جي رڻ ڪنڌيءَ تي آباد ڳوٺ سينگالو ۾ ارباب نور محمد راهمون جي گهر ۾ اک کوليندڙ هن راڄ جي رکوالي کي سندس والد جي وڇوڙي بعد راهمان برادري جي سرواڻي ملي پر ٻالڪ وَهِيءَ ۾ مليل تمام وڏي ذميواري کي هُن 30 سالن کان مٿي جي عرصي تائين خوب نڀايو. ارباب نُور محمد راهمون ته 1953ع ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، پر کيس ڪا شرافت ۽ ايمانداري جي اهڙي سُتي مليل هئي، جو ڪڏهن به سندس حوالي سان ڪنهن ڪرپشن ۽ خيانت جو ٽِڪو سندس دامن تي نه لڳو ۽ شايد انهيءَ ئي پرورش جي ڪري ارباب مقبول احمد راهمون به ٿر جي هڪ وڏي برادري جي سرواڻ هُجڻ باوجود ڪڏهن به راڄ ويڙهائو، اقتداري سياست لاءِ ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ يا ووٽ جي سگهه جو ناجائز فائدو ڪڏهن به نه ورتو. ارباب مقبول (3) ٽي ڀيرا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ ٿر ۾ اميدوار ٿيو ۽ اليڪشن وڙهي پر ڪنهن هڪ چونڊ ۾ به ذات برادرين جي جهيڙن، پوليس ۽ پُرتشدد ڪارروائي جو سهارو نه ورتو، توڻي جو ڪافي هنڌن ۽ موقعن تي سمورا موقعا ميسر هئا ۽ ڪي ڌريون گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ جي لاءِ آتيون به هُيون، پر هن ڪارونجهر جيڏي ڪردار جي مالڪ صبر ۽ تحمل جو دامن داغدار ٿيڻ ڪونه ڏنو ۽ نتيجي ۾ اليڪشن ته هارائين پر سندس برادري جي ڪجهه حلقن ناراضگي به ظاهر ڪئي ۽ اليڪشني سياست ۾ الڳ ديڳڙي چاڙهيائون، پر هي شرافت جو مجسمو ڪنهن ضد ۾ اچڻ بدران روايتي سياست کان پاسيرو ٿي ويو ۽ ڄڻ چوندو هُجي ته،

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران!

وقت جي وهڪري ۾ لُڙهڻ بدران اُصولن ۽ راڄ ڀاڳ کي سنڀالڻ جو ڪٺن ڪم ڪندو رهيو، فقير منش ماڻهو هميشه توڪل تي هلندڙ، سادو ايڏو جو ڪو نئون ماڻهو ڏسي ته اعتبار ئي نه اچي ته ڪو هيءُ ٿر جي وڏي برادري جو سردار آهي، هميشه سادگي وارو لباس، بنا باڊي گارڊ جي عام ماڻهن جي وچ ۾ ۽ غريبن جو يار! فيصلا به اهڙا ڪري جو مخالف به ساراهه جا ڍُڪ پيا ڀرين، ڪو غريب غُربو سڏي ته آڌي جو به پُڄيو وڃي ۽ وري جي ڪو اقتداري ڌُر ڪوٺ ڏئي ته وڃڻ وقت به سؤ دفعا سوچي. ڪڏهن به ڪنهن جي گِلا نه ڪري ۽ نه ٻُڌي،. هڪڙا ماڻهو دوکا ڪري سياسي طور نقصان رسائين پر پوءِ به جي لنگهي اچن ته سڀ ڪُجهه معاف ڪريو ڇڏي. هڪڙي گهڻ گهُري پڇيو ته سائين ڦلاڻي سياستدان توهان سان دوکو ڪيو ۽ توهان هاڻي وري هُن جي مدد پيا ڪريو ته بنا سوچڻ جي وراياڻين، هُو هُن جو ظرف هو، جيڪي ڪُجهه ڪيو، باقي مُون کي ٿر جي مستقبل جو سوچڻو آهي  هتي جي وڏين برادرين ۾ ويڙهه ٿي ته وڏي تباهي ٿيندي ۽ ڌاريا ٿر تي قبضو ڪري ويندا ۽ هاڻي ٿر جا وسيلا سامراجن جي اک ۾ آهن، انهيءَ ڪري ٿرواسين جي ٻڌي ضروري آهي، سوال ڪرڻ وارو همراهه لاجواب ٿي ويو. شايد ارباب مقبول احمد راهمون ڪبير ڀڳت جون اِهي سٽون پڙهي ورتيون هيون:

کبیرا تیری جھوپڑی گل کٹوں کے پاس٬

جو کرے گا وہ بھرے گا  تو کیوں رہے اُداس!

هونءَ به اهڙو پختو ايمان نه هُجي ها ته پوءِ سندس اڇي اُجري ڪردار تي هڪ موقعي تي ڪريل الزام هڻي جيل موڪلڻ وارن ۽ سندن راوين کي ڪورٽ ۾ ڪوڙو ڪرڻ باوجود به بنا ڪنهن شرط جي معافي وٺڻ تي معاف ڪرڻ جهڙو وڏو ڪم هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪونه هوندي آهي. ساڻس جڏهن به ملاقات ٿي يا ڪنهن ڪچهري ۾ ٻُڌو سين ته ڪٿي به ڪنهن جي گِلا، غيبت ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا گار ڏيڻ جهڙي حرڪت ڪندي نه ڏٺوسين. توڻي جو سندس چهري ۽ ڳالهين ۾ حاجي ساند جي انهن سِٽن جون جهلڪيون پيون پسنديون هيون، ته

وقت ويو آ لُٽي هُن جون سڀ حسناڪيون،

جيءَ وڍيندڙ مِلي آ، سکيءَ جي خبر!

وقت وارن هُن شخص سان اهڙو اڍنگو ورتاءُ رکيو هو جو ڪو اڀرو سڀرو هُجي ها ته ڪڏهوڪو سودو ڪري چُڪو هجي ها، پر شابس هُجي هِن  ٿر جي دلير پُٽ کي جنهن ڪڏهن به شرافت ۽ راڄ جي رسمن کي ڪاڻهيارو نه ڪيو، نه ته ٿر ۾ به پئسي تي، اقتدار جي لالچ ۽ عهدن جي غرور تي پيڙهين جي ڪمائي تي پاڻي ڦيري ڇڏيائون ۽ پوليس پتيلي ۽ مُفاد پرستي جي هوڏ ۾ پنهنجو ڪردار وڃائي ويهي رهيا.

هڪڙي دفعي عُمرڪوٽ ۾ ڪنهن برادري جي ماڻهو دعوت ڏني ۽ ارباب مقبول احمد قبول ڪئي ته رات جي ماني کائبي، اُنهيءَ کان جلد پوءِ پهرئين دعوت ڏيندڙ جي بنسبت هڪ غريب ماڻهو دعوت جو عرض ڪيو ته يڪدم اُها قبول ڪري ورتائون ۽ پهرئين ڌُر کان معذرت ڪيائون، ڪنهن سوال ڪيو ته سائين اِهو ڇا ڪيو؟ يڪدم وراڻيائين ته غريب همراهه جنهن پيار ۽ پنهنجائپ سان دعوت جو چيو، اُنهيءَ کي انڪار ڪري نه سگهيس ۽ هُونءَ به اميرن جي بنگلي تي ماني بدران غريب جي گهر جي دال وڌيڪ آهي! 2009ع ۾ راهمان برادري جي هڪ خُون جو فيصلو ٿيڻو هُجي، اقتداري ڌُر جو زوبار هُجي تمام وڏو هُجوم هُجي سامهون اقتداري ڌُر سان وابسطه ماڻهو فيصلي لاءِ زور ڀريو ته يڪدم وراڻيائين ته تُون ڪامورو آهين ۽ آفيسر آفيس هلائي/آفيشل ڪم ڪار ڪري ته بهتر ٿيندو، باقي راڄ ڀاڳ جا اختيار تنهنجي خاندان ۾ وڏن وٽ آهن، انهن کي موڪل ته اچي ڳالهائين باقي تنهنجو ڪم ناهي! سندس اباڻي ڳوٺ ۾ اڄ به بجلي، پڪيون گهٽيون ۽ ٻيون سهولتون ناهن ۽ هُن ڪڏهن به ڪنهن کي ذاتي ڪم لاءِ نه چيو ۽ نه ڪنهن ناجائز ڪم لاءِ!

هڪ دفعي سندس برادري جي اثر رُسوخ واري ماڻهو دعوت ڪئي ۽ بهترين قسم جي بندوق/ڪلاشنڪوف پڻ تحفي ۾ ڏنائين، انهيءَ لحاظ کان ته توهان برادري جا سردار آهيو، اڳي تلوارون تحفي ۾ ڏبيون هيون ۽ هاڻي جديد دؤر آهي، سو تحفو قبول ڪيو، انهيءَ تي کلي چيائين ته، ”آئون اُهو سردار نه آهيان، جنهن وٽ توپچي هُجن ۽ وڏيون انسان آزار حرڪتون، سو بندوق ڪونه وٺندس.“ انهيءَ جي مقابلي ٿر جي هڪ دؤري دؤران ابوبڪر راهمون جو ڏنل نَوَ لِکيءَ گهوڙو خوشي سان تحفي ۾ قبول ڪيائين. هميشه ڊگهي سوچ رکندڙ، گهٽ ڳالهائو، نهٺائي نوڙت جو لاجواب مثال عاجزي ۾ انتها درجي جو ماڻهو هو ۽ آئون سمجهان ٿو ته سندس ڪردار جي ڪٿ ڪندي وري روايتي سياست ۽ مفاد پرستي جي هوڏ ۾ امير بڻجي ويلن جي ڪردار جي ڇيد ڪجي ته انهن سِٽن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به ناهي،

ظلم سہہ کر بھی غریبوں نے عاجزی نہ چھوڑی

عزت بیچ کر بھی امیروں نے سینے پھیلا رکھے ہیں!

هُن ڪڏهن به پنهنجي زبان سان ڪنهن کي بُرو ڀلو ڪونه چيو، پر جي سندس واتان ئي ڪو حال پُڇي ها ۽ سندس سوچ جي برعڪس کيس ملندڙ موٽ جو ڪاٿو شايد هُو ائين ڏئي ها:

کیا حال پوچھتے ہو میرے کاروبار کا٬

اندھوں کے شہر میں آئینے بیچتا ہوں!

اڄ جڏهن ٿر جي سياست ۾ رت جي راند شامل ٿي ويئي آهي، اقتداري حوس ۾ ذات برادري جي جهيڙن جي باهه ٻارڻ کان شروع ٿيندڙ ڪهاڻي هاڻي مذهبي رنگ به وٺڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ٿر جي وسيلن تي نظر رکندڙ ويڙهه ۽ تشدد جي ماحول کي مچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، اُتي هتان جي سماجي تاڃي پيٽي، روايتن، اصولن، ثقافتن ۽ ڌرتي ڌڻين جي ساڃاه رکندڙ ماڻهن جو ڏڪار پيو محسوس ٿئي ۽ ارباب مقبول جهڙن فقير صفت هستين جي تمام وڏي ضرورت آهي، جيڪي ذاتي مفاد قربان ڪري اجتماعي فائدو ڳولهين ۽ راڄ ڀاڳ جي سياست ۽ ساڃاهه رکندڙ هُجن. اهڙي ئي سَمي محبتي ماڻهو جي وڇوڙي جيءَ جهوري وڌو آهي، ٿر جي سموري عوام خاص طور تي غريب ماڻهن جي جيءَ جو جيارو وڇڙي ويو آهي.

22 سيپٽمبر 2014ع جي لهندڙ سج سان گڏ هڪ اهڙي ڪردار جي باوقار پُڃاڻي پئي ٿئي، جنهن ڪردار جي وڏ ماڻهپي جون ساکيءَ اُهي غريب ماڻهن جون قطارون هيون، جيڪي بدين، سنهيءَ گوني ۽ ڪڍڻ جي روڊن تي بي قرار هُيون ته ٻئي پاسي ڏيپلي کان سينگالو جو اداس روڊ هو جتان ڄڻ ڪي ماتمي جلوس پئي مٽيا ۽ سڀني جو هڪڙو مشترڪه درد هو ۽ هُو پنهنجي بي قراريءَ وچان پنهنجي محسن ۽ غريبن جي هڏ ڏوکيءَ جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ واري وٺڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. سينگالي کان شاهه حسين قبرستان تائين جي سفر ۾ هزارين ماڻهن جي آلين اکين ۾ جتي ڏک جو سُمنڊ هو اُتي هڪڙي ڳالهه جي شاهدي هئي ته پئسو، وڏا بنگلا، محل/ماڙيون ۽ اقتدار توڙي عُهدا ڪا ڳالهه ناهن بس هڪ ماڻهو جو ڪردار ئي اصل هڙ حاصل آهي ۽ اُهو ڪردار ئي آهي جنهن سان توهان ماڻهن جي دلين ۾ راڄ ڪري سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو