پٽ جو ڪيريئر ختم ٿيڻ کان بچايو وڃي: احسان الله جو والد

لاهور (ويب ڊيسڪ)فاسٽ بالر احسان الله جي والد عبدالنصير پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل ڪئي آهي ته سندس پٽ کي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ بحال ڪيو وڃي ته جيئن سندس ڪيريئر ختم ٿيڻ کان بچي سگهجي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالنصير چيو ته منهنجي پٽ جي سوات ۾ سٺي سارسنڀال نه ٿي رهي آهي، کيس اين سي اي ۾ بحال ڪيو وڃي، ڇو ته سوات ۾ سهولتون ناهن ۽ بهترين ڊاڪٽر به ناهن.عبدالنصير جو چوڻ آهي ته چيئرمين پي سي بي محسن نقوي سوات ۾ بحالي لاءِ چيو، هو سندس شڪرگذار آهي پر سوات ۾ سهولتن جي کوٽ سبب احسان جو ڪيريئر داءُ تي لڳل آهي، جنهن تي کيس اين سي اي آڻڻ جي درخواست ڪئي.لاهور ۾ احسان الله جي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪوچ ملڪ نصر جو چوڻ آهي ته ٻين زخمي رانديگرن وانگر احسان الله کي به اين سي اي کي بحال ڪرڻ گهرجي، هن وقت پاڪستان جو تيز ترين بالر احسان الله جو ڪيريئر به خطري ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو