پي بي سي پاران فوجي ۽ حڪومتي نمائندن جي تنقيد رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل پرويز مشرف خلاف خصوصي عدالت جي فيصلي تي فوج ۽ حڪومتي نمائندن جي تنقيد کي رد ڪندي ان جي مذمت ڪئي آهي. پي بي سي، جي نائب صدر سيد امجد شاهه ۽ ايگزيڪٽو ڪميٽي جي چيئرمين شير محمد خان جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته فوجي ترجمان جي رد عمل مان تاثر ملي ٿو ته سڀ ادارا هنن جي ماتحت آهن ۽ عدليه سميت ٻين ادارن لاءِ ڪو احترام ناهي. بيان ۾ هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عدالتي فيصلي ۾ ڪا خرابي آهي ته ان لاءِ قانوني طريقه ڪار موجود آهي ۽ اعليٰ عدليه ۾ اپيل يا نظرثاني جي درخواست ڪري سگهجي ٿي پر فوجي ترجمان جي رد عمل ما لڳي ٿو ته سڀ ادارا هنن جي ماتحت آهن، سندن حڪم مڃڻ لازم آهي ۽ عدليه سميت ٻين ادارن جو ڪو احترام ۽ عزت ناهي. بيان ۾ هنن چيو آهي ته وفاقي حڪومت، وزير، قانوني آفيسر ۽ خاص ڪري اٽارني جنرل جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي ان مان به اهو ظاهر آهي ته هن پارٽي کي فوج اقتدار ۾ آندو آهي ۽ ان جو ادارو ڊرائيونگ سيٽ تي موجود آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته هي سڀ ساڳئي لهجي ۾ تنقيد ڪري رهيا آهن. پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳواڻن هنن چيو ته انصاف جي فراهمي جي طريقه ڪار تي فوجي ترجمان ۽ حڪومتي نمائندن جي تنقيد کي رد ڪريون ٿا ۽ ان رويي جي مذمت ڪريون ٿا. پاڪستان بار ڪائونسل فوجي ترجمان جي بيان کي آئيني شقن جي خلاف قرار ڏنو ۽ چيو ته اها توهين عدالت آهي. هنن چيو ته خصوصي عدالت پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ تي سزا ٻڌائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو