ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل ويجهو اچڻ ڪري پي سي بي جاڳي پيو تيارين جي حوالي سان 2 ڏينهن وارو اهم اجلاس سومر کان لاهور ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ ٽڪيٽن ۽ سيڪيورٽي معاملن سميت ٻين ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پاڪستان سپر ليگ جو پنجون ايڊيشن 20 فيبروري کان شروع ٿي رهيو آهي هن ڀيري مڪمل پي ايس ايل جو اهتمام هوم گرائونڊ تي ئي ڪيو ويو آهي ميچن جي ميزباني 4 شهر ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ ملتان کي ڏني وئي آهي. ان حوالي سان هن مهل تائين خاموشي هئي پر ايونٽ جي تيارين ۾ تيزي اچي وئي آهي پورو هڪ مهينو اڳ اهم ميٽنگ سومر ۽ اڱاري تي لاهور ۾ ٿيندي جنهن ۾ پي سي بي انتظاميه سڀني فرنچائيز جي نمائندن کي شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي، ميٽنگ ۾ ٽيمن کي ليگ جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو، سفري ۽ رهائشي انتظامن سميت پليئر ۽ تفريحي پروگرام به ايجنڊا جو حصو هوندا.
