ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) جي نون ميمبرن ظهير پتافي، خرم سومرو ۽ ڪليم الله وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي اندر مقامي ڪرڪيٽ کي گڏيل طور هٿي وٺرائڻ ۽ نياز اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير پي سي بي بورڊ جي نون ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن تي زور ڀريو ته اهي ايشيا ڪپ جون ڪجهه ميچون ڪراچي ۾ ڪرائڻ ۽ پي ايس ايل جون ميچون نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ميمبرن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندن تجويز کي پي سي بي بورڊ ۾ بحث هيٺ آندو ويندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ڪراچي اسٽيڊيم کي به اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته هن ڪراچي اسٽيڊيم جي ترقي ۾ پي سي بي جي مدد ڪئي ۽ هاڻي ان کي عالمي معيار جو اسٽيڊيم بڻائڻ جي ضرورت آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي رانديگرن کي به انٽرنيشنل ميچ کيڏڻ جو موقعو ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن منجهان سٺا رانديگر متعارف ڪرايا ويا آهن پر انهن کي موقعن جي ضرورت آهي ته جيئن سندن ٽيلنٽ کي وڌيڪ اجاڳر ڪري سگهجي. پي سي بي ميمبر ظهير پتافي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو صوبي جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ مقامي ڪلبن جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪندو. هن چيو ته ان مقصد لاءِ پي سي بي کي درخواست ڪئي ويندي ته هو مقامي ڪلبن کي سپورٽ ڪري ته جيئن وڌيڪ ٽيلنٽ پيدا ٿي سگهي. ظهير پتافي چيو ته پي سي بي ڳوٺاڻن علائقن ۾ اسپيشل ٽيم موڪلڻ تي غور ڪري رهيو آهي ته جيئن نون رانديگرن کي ڳولي سگهجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبو ٽيلنٽ سان ڀريو پيو آهي پر ان کي ضرورت آهي سپورٽ، سرپرستي ۽ صحيح رهنمائي جي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پي سي بي جي مدد ڪندي جيڪڏهن صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن مان ٽيلنٽ جي ڳولا شروع ڪئي وڃي.
