اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي ايئر لائنز (پي آءِ اي) 6 سالن کان پوءِ لنڊن لاءِ سڌي ريت اڏامون ٻيهر شروع ڪري ڇڏيون آهن. اسلام آباد کان لنڊن لاءِ پهرين اڏام اڄ (29 مارچ) رواني ٿيندي, سيڪريٽري دفاع ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي ۽ پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ لنڊن لاءِ پي آءِ اي جي پروازن جي بحالي جو افتتاح ڪيو.
ان حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته پي آءِ اي جي لنڊن لاءِ پروازن جي بحالي ڀليڪار آهي، ڪراچي کان به جلد پروازون شروع ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي لک پاڪستاني برطانيه ۾ رهن ٿا.
هن چيو ته پروازون برطانيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ڪن ٿيون.
تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي چيو ته اڄ پاڪستان جي هوائي صنعت لاءِ هڪ اهم ڏينهن آهي، پي آءِ اي ۽ لنڊن ڏهاڪن کان گڏ آهن.
هن چيو ته بدقسمتي سان هي تعلق گذريل 6 سالن کان معطل هو، اسان کي خوشي آهي ته هي تعلق اڄ بحال ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ برطانيه جا مضبوط واپاري لاڳاپا آهن، هي قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪندو، پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
دفاع واري سيڪريٽري چيو ته پروازن جي بحالي ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جي خاص دلچسپي ساراهه جوڳي آهي، جين ميريٽ جي ڪوششن سان ئي پي آءِ اي جون لنڊن لاءِ اڏامون بحال ٿيون آهن










