پوليس چوري ٿيل مينهن هٿ ڪري ورتي، 4 چور گرفتار

مبارڪپور (مهر قربان علي ) ڳوٺ حاجي عبدالستار کوسو مان نامعلوم چورن جي ٽولي ڳوٺاڻي دريا خان کوسو جي گهر ۾ داخل ٿي هڪ ڀلوڙ مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا. جڏهن ته اهڙي واقعي جو اطلاع مبارڪپور پوليس کي ڏنو ويو، جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي پيراڊو گهرائي پيرو کيو، جيڪو ضلعي شڪارپور جي رحيم آباد شهر ويجهو ڳوٺ نورمحمد بروهي ۾ لڳو جتان مبارڪپور پوليس چوري ٿيل مينهن هٿيڪي ڪري ورتي ۽ مينهن سان گڏ 4 چور شير محمد بروهي، نور محمد بروهي، دريا خان شر، مولابخش بروهي کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته آخري اطلاعن تان اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو