پوليس پاران مقابلي ۾ مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) ڪچي واري علائقي گھوڙاگھٽ ۾ پوليس، مقابلي بعد مغوي نوجوان راشد ميراڻي کي بازياب ڪرائڻ جي دعوىٰ ڪئي آهي. بازياب ڪرايل مغوي کي ايس ايس پي آفيس آندو ويو، اطلاع ملڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي ۽ ايس ايس پي آفيس پھچي ويا. جنهن بعد نوجوان کي سندن وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ترجمان مطابق مغوي نوجوان راشد ميراڻي  کي 15 ڏينهن اڳ ڪچي واري علائقي  مان ڌاڙيلن اغوا ڪيو ھو جنهن کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ واري ڳجهي اطلاع تي سي آئي اي پوليس جي انچارج گل محمد مھر ۽ ان جي ٽيم پاران گھوڙاگھٽ  ڪچي واري علائقي  ۾ ڪاروائي  ڪئي ته مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڌاڙيل مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو