پوليس قبضا مافيا ۽ منشيات خلاف ڌار ڌار احتجاج ۽ ڌرڻو

عمرڪوٽ (اي بي آريسر) ڳوٺ ولھار جي رھواسين  پاران پوليس جي ڏاڍ ۽ قبضا مافيا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ته ٻئي پاسي منشيات جي سري عام وڪرو خلاف  عمرڪوٽ کپرو روڊ تي احتجاج ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو. ڳوٺ ولھار جي رھواسين فقير محمد منڱريو، فتح محمد، معشوق علي، محمد علي منڱريو، نظام منڱريو ۽ ٻين پاران عمرڪوٽ پوليس ۽ قبضا مافيا عبدالله منڱريو، پرائمري ماستر محمد حسن منڱريو، داروغو عرس منڱريو، چيتن اوڏ، ساجن اوڏ ۽ ٻين پاران متاثرن جي  خريد ڪيل زمين تي پوليس جي مدد سان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاھرين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته ڳوٺ ولھار ۾ اسان 2011 ۾ زمين خريد ڪري ويٺل آھيون، قبضا مافيا پوليس جي مدد سان اسانکي لڏائي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، گذريل ٽن ڏينھن کان عمرڪوٽ پوليس جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھٿياربند قبضي مافيا پوليس جي موبائلن ۾ سوار ٿي ڌمڪيون ڏئي وڃن ٿا. هنن آءِ جي سنڌ کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي غلام نبي شاھ، ڊسٽري شاخ اسٽاپ ۽ آسپاس ۾ ڪچي شراب يعني ٺري، مين پڙي ۽ چرس جي سرعام وڪري خلاف رھواسين عمرڪوٽ کپرو روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ھڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو ھنيو، ڳوٺاڻن مڻيو رونجھو، عمر علي مھر، احمد علي، ڪامريڊ بصر، حليم ملاح، عطر نھڙي، گنگو ڪولھي، چاڪر رونجھو، سڪندر نھڙي، علي حسن ماڇي، سرور ملاح ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن چيو ته ايس يڇ او غلام نبي شاھ مومن گجو دانھن ۽ احتجاجن باوجود ڪاروائي نٿو ڪري ۽ سڄي علائقي ۾ چرس، ٺري، سفينا سميت گٽڪو جو وڪرو جاري آهي جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو