پوليس حسن نياري کي حراست ۾ وٺي ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فوڪل پرسن حسن نيازي کي لاهور کان ڪراچي وٺي وئي.ذريعن موجب حسن نيازي کي ڪراچي جي ٿاڻي جمشيد ڪوارٽر ۾ داخل ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو آهي.حسن نيازي کي سڀاڻي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي سندس خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن نيازي چيو ته مون ڪراچي نه ڏٺو هو، هي ماڻهو مون کي ڦاسائڻ لاءِ کڻي آيا آهن.هن چيو ته ڪيس ٿيندا رهندا آهن، ڪيس ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو