راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پوليس پاران پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ جو سلسلو جاري آهي.ذريعن موجب پوليس راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني جي گهر تي ڇاپو هنيو پر هو ان وقت گهر تي موجود نه هو.ان کان علاوه پوليس محمد بشارت، عمر تنويربٽ ۽ واثق قيوم عباسي جي گهرن تي ڇاپا هنيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپن دوران ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.
