پنجويھ ڏينھن اڳ اغوا ٿيل پورھيت بازياب

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپور ڀرسان پنجويھ ڏينھن اڳ ڳوٺ وشدل نندواڻي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه طور اغوا ٿيل پورھيت دلمراد نندواڻي کي ڪشمور پوليس پاران دراني مھر جي ڪچي واري علائقي مان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو۔۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب پنجويھ ڏينھن اڳ ڳوٺ وشدل نندواڻي ۾ اڻ ڄاتل ھٿيار بندن  پنھنجي گھر ڀرسان ٺھندڙ اوطاق تي پھرو ڏيندڙ پورھيت دلمراد نندواڻي کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا ھئا۔ جنھن کي اڄ ڪشمور پوليس پاران مبينه مقابلي ۾ دراني مھر جي ڪچي مان بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي ويئي آھي۔ پوليس ذريعن ٻڌايو ته جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين مغوي کي اغوا ڪري ڪچي ۾ باندي بڻائي رکيو ھيو جنھن کي اڄ رھا ڪرايو ويو آھي۔ ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آھي ته مغوي کي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ڪرايو ويو آھي۔ ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو