پنجاب ٻيهر تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري ٽي پي لنڪ ڪئنال وهائي ڇڏيو، پنجاب پاران تونسه پنجند ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجو طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو آهي، زاهد جوڻيجو جو چوڻ آهي ته پنجاب فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پنجاب سڌي ريت ڏاڍ مڙسي جو مظاهرو ڪيو، سنڌ جي ميمبر جو چوڻ آهي ته ارسا جي اجلاس ۾ ڪئنال نه وهائڻ جو فيصلو ٿيو، پنجاب ڪئنال کولي پاڻي جي جبري کڻت شروع ڪئي، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پنجاب ڪئنال کولي ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته جنهن ڪئنال جو پاڻي منظور ٿيل ناهي، فوري بند ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو