پشاور ۾ اشتهاري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون، 534 جوابدار گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ اشتهاري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران قتل، اقدام قتل، اغوا ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهربل 534 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي آپريشنز ڪاشف آفتاب عباسي چيو ته ضلعي بھر ۾ اشتهاري ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي آپريشنز چيو ته شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي ۽ اشتهار ڏيندڙن جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا آهن.هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن وٽان جديد خودڪار هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سرڪاري دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم، قتل، ڦر ۽ اغوا جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، شهر ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين 98 ماڻهن جي قتل جي 182 جوابدارن مان 150 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شهر مان ٻن اڍائي مهينن دوران 44 چوري ۽ ڦر جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته وڌندڙ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اپاءَ تيز ڪرڻ جون هدايتون مليون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو