پر اميد ٿي، اڳتي قدم کڻو

رحمت الله ٻرڙو
اسان سمجھون ٿا ته اسانجي لکڻ تي ڪي حلقا خوش ٿي سگھن ٿا ته وري ڪي اختلاف بہ رکي سگھن ٿا.اسان ڳالھ نااميديءَ مان نڪري اميد واري پاسي اچڻ جي ڪيون پيا.اسين ھتي زور اڳيان ڪمزور جي طاقت جي ڳالھ ڪرڻ چاھيون ٿا.اسان مايوسيء جي جاء تي پر اميد ٿي اڳتي نڪرڻ واري احساس جي ڳالھ ڪيون ٿا.مطلب تہ ھيء ھيڻي دنيا ئي اصل ۾ طاقتور قوت آھي جي اٿي پئي ته تخت تاج تاراج ڪري وجھي.طاقتور تيستائين زور آور آھي جيستائين توھان ڪو پنھنجي زور آزمائي نہ ٿا ڪريو.اوھانجي طاقت جو پتو طاقتور کي اڳ ۾ ئي آھي ته ڪمزور ڪيڏو وڏو طاقتور آھي پر ڪمزور اٿڻ جي ڪوشش جيستائين ڪري.!!۽ اھا بہ ھن کي خبر آھي ته ھو ڪيترو ڪمزور آھي فقط ھن کي عوامي اظھار جي ھلان ٿي پوي.ھو عوام دشمن ۽ رياست دشمن پنھنجي اندر ۾ تمام وڏو خوفائتو آھي ته متان ….. اھا متان ھن مٿان مسلط آھي فقط اوھان جي انتظار ۾ آھي ته ڪڏھن ٿي ٿئي…..جڏھن ھن کي اھا عوامي ھلان ٿي ته ھو اوھان کي نذر بہ نہ ايندو،ھن کي پنھنجا اثاثا بہ ٻوجھ لڳندا تڏھن ته عوامي چور ظاھري طاقت ھوندي ڪمزور ھوندو آھي.ھو جي چور ناھي ۽ اسان منجھان آھي ۽ اسان لاء آھي ، اسان لاء ڪجھ ڪري پيو ۽ اسان جھڙو آھي ته پوء ھن کي خوف ،ڊڄ نہ ٿيندو.ڇوته ھن ظاھري طاقتور کي وڃائڻ لاء ڪجھ ناھي ھوندو ته پوء خوف ڇا جو.هن وقت اسانجي ملڪ جو عام طور تي خصوصي طور سنڌ جواليڪشني ماحول آھي.ان عام چونڊن واري ماحول ۾ لاهور کان سکر ۽ سکر کان عمر ڪوٽ تائين اليڪشن مهم دوران جيڪا ميڊيا تي عوامي ردعمل واريون خبرون اچن ٿيون سو انمان ئي اوهان پرکي سگهو ٿا. ته عوامي قوت ڪيتري زور آھي جو جي نڪري پوي منهنجو خيال آھي ته ظاهري ڏاڍن جا هانوو ڏاري وجهي….ٻہ ته ٻارنھن وارو محاورو ته ھر ھنڌ مشھور آھي سو اوھان ظاھري ڪمزور آھيو، نہ ڪي ھو ظاھري طاقتور آھن.ان ڪري جيترو جلدي پر اميد ٿي قدم وڌائيندا،اوترو جلدي انھن ھچائن مان جان ڇڏائيندا.اوھان عام طور تي وڏا وڻ ۽ بڙ ڏٺا ھوندا،پھاڙ ۽ جبل بہ ڏٺا ھوندا؟؟سي ظاھري طاقتور ۽ انساني طاقت کان مٿانھان ھوندا آھن.پر جي ظاھري ڪمزور انسان بڙ ۽ پھاڙ آڏو ان اميد سان ڪا ڇيڻي ۽ ڪو صنداڻ کڻي بيھي ته آھستي آھستي ان جبل ۽ وڏي وڻ کي ڪوري ۽ ڪپي سگھي ٿو.اھڙي طرح ئي اسان جو ظاھري ڪمزور عام جي صورت ۾ اٿي پوي ته ظاھري طاقتور عوام دشمن،انسان دشمن توڙي رياست دشمن انھن آڏو ڪجھ بہ ناھي.ڪنھن شاعر ڪيڏو نہ بھترين شعر چيو آھي جنھن کي اسان ننڍي ھوندي ٽين يا چوٿين درجي ۾ پڙھندا ھئاسين تہ،(ڏونگر پاڻ ڏري پوندا،
اگر ارادو آھي اٽل….
گرمي سردي،سر تي سھي،
گل جھلي ٿي تڏھن ول…)
سو فقط ھمت ،ھمٿ،جرئت،بھادري جي مظاهري ڪرڻ جي ضرورت پڻ آھي.ھي ھيڏو وڏو جيڪو راڪاسي ماحول اسان لاء پيدا ڪيو ويو آھي ان پويان ڪو تہ آھي؟شيون ،ڳالھيون ،يا معاملا مسئلا پاڻ مرادو ناھن ٿيندا،ان پويان ڪا نہ ڪا سازش،ڪو نظريو،ڪا منصوبا بندي پڻ ھوندي آھي جيڪا آھستي آھستي اوھان لڪل طاقت کي ظاھري ڪمزور ڪري وجھندي آھي.۽ ان پويان ظاھري ڪمزور کي طاقتور ڪري پيش ڪندي آھي.اھا ھڪ شازشي منصوبابندي گھڻو وقت ناھي ھلندي ۽ ان جو انت اوھان جي سجاڳي ۾ آھي.اھا سازشي ٿيوري پنھنجي خمير ۾ بلڪل بہ ڪچي مٽيءَ تي بيٺل ديوار وانگر ھوندي آھي جيڪا پاڻيء جي ھلڪي وھڪري آڏو بہ اچي پٽ پوندي.جيڪڏھن ان ڪچيء مٽيء جي ديوار جيان سازشي منصوبا بنديءَ کي ٿورو بہ منھن سامھون بيھي اوھان عام طرفان مرده باد جو نعرو لڳو ته توھان کي ھي سامھون ظاھري بيٺل ڏونگر ريزا ريزا ٿيندي نظر ايندا.اوھان ٿوري ھمٿ ڪري ڪنھن جبل آڏو ڪا ڇيڻي ۽ صنداڻ ته کڻو،ڪنھن وڻ ۽ بڙ آڏو اچي ڪو ڪات يا ڪھاڙي ته کڻي ٺڪ ٺڪ ته ڪيو…پوء ڏسو اوھان جي اھو مرده باد وارو نعرو ،جبل ۽ پهاڙ کي لڳندڙ ڇيڻي ۽ صنداڻ توڙي وڻ لاء ڪات ۽ ڪھاڙي وانگر ڪافي آھي.رڳو نيڪ نيتيءَ سان پر اميد ٿي اوھان قدم وڌايو،ھٿ اڀا ته ڪري ڏسو ۽ ٻہ ھٿي ڪھاڙيء جو وار ته وڻ کي ڪري ڏسو……نتيجو ڪنھن صورت ۾ نہ ملي ته اسين ڏوھ جا ڏوھاري،اوھان جي مقرر ڪيل سزا اسان جي اکين تي.اچو تہ ھنن عالمي پس منظر ۾ پنھنجي لاء پيدا ٿيندڙ ھچائن جو مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ جي ھمت/صلاحيت پيدا ڪيون.ھي عوام دشمن،ھي ادارتي دشمن،ھي رياست دشمن،ھي اسان جا ثفاقت دشمن،ھي اسان جا قدر دشمن اسان ۽ اوھان يعني عوام کان طاقتور ناھن. بلڪل بہ ھي ڪمزور ڪردار آھن ظاھري طور ھي اسان جا پگهاردار ۽ عوامي ٽيڪس تي پلجندڙ ۽ عوامي ٽيڪس چور قومي خزاني جا چور اوھان کان زور ناھن .اوهان عام ماڻھون اها ڳالھ سمجهي ڇڏيو ته هي ملڪ جا حڪمران،رياست ۽ سياست جا رکوالا توڙي سول سروسز آفيسرز يا مجموعي ملازم اوهان جي ٽيڪس مان پگهارون کڻي رهيا آھن ۽ هو اوهانجا خادم ۽ نوڪر پڻ آھن.اها ڪا تعجب واري ڳالھ ناهي جو توهان اهو چئو ته سرڪاري آفيسر ۽ منسٽر ،چيف منسٽر ۽ پرائيم منسٽرز کي ملندڙ پروٽوڪال اوهان جي خدمت عيوض ملندا آھن.اوهان جي عدالتن اندر ويهي انصاف جا فيصلا ڪندڙ ججز کي به ملندڙ پگهارون ۽ پروٽوڪال اوهان جي قومي خزاني مان ملن ٿيون.انڪري اوهان کي وقت تي انصاف نه ملي ۽ انصاف مڻ ۾ دير ٿئي اوهان دانهن ڪرڻ ۽ اظھار ڪرڻ جو قانوني حق رکو ٿا.انڪري همٿ کان ڪم وٺندي اوهان سوال ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪيو.اڳتي وڌو ڪو توهان جو حق کائي نٿو سگهي.ڇوتہ زور توھان وٽ آھي اوھان فقط ۽ فقط جرئت سان فيصلو ڪري اڳتي اچو پوء ڏسو ته ڪو انقلاب،ڪا تبديلي ڪيئن نہ ٿي اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو