پريا ڪماري بازياب نه ٿي، عوامي تحريڪ جو احتجاج

سکر (پ،ر( مهينا اڳ سکر جي علائقي سنگرار مان 7 ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري جي اغوا خلاف عوامي تحريڪ سکر جي اڳواڻن ذوالفقار ميراڻي، سرواڻ جتوئي، سرويچ سنڌي ، عمر انصاري، حنا بلوچ ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ سکر جي زين جتوئي ، سنڌياڻي بلوچ ، بينظير بلوچ، عذير سومرو، حسنين، ذوالقرنين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلوب چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته گذريل 2 سالن کان اغوا ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ قانوني ادارن طرفان ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي. ان کان علاوه ڪنڌڪوٽ مان 3 ٻارڙا اغوا ٿي ويا آهن، ٺل جي فضيلا سرڪي اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، پوليس معصوم ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ان ڪري معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻارڙن جا والدين سخت پريشان آهن، والدين جيڪي پنهنجي اولاد کي هڪ پل لاءِ اکين کان پري ٿيندي ناهي ڏسي سگهندا، سي ورهين کان پنهنجي ٻچڙن کان پري آهن، انهن جي دل تي ڇا ڇا گذرندي هوندي اهو ته اولاد وارو ئي بهتر سمجهي سگهي ٿو، جيڪڏهن حڪمرانن جا پنهنجا ٻار اغوا ٿيل هجن ها ته انهن کي والدين جي ڏک جي خبر پئي ها، هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سازش تحت سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي. اڳواڻن هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت سمورن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل سمورن ٻارڙن کي جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو