پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟

مجيد نواز مغل
ھندو برادري جڏھن ھي ملڪ وجود ۾ آيو ته ھتان لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ خوش نه ھئي ڇاڪاڻ ته ڪو به پنھنجي جنم ڀومي ۽ وطن کي ڇڏڻ جو خواھشمند ناھي ھوندو ـ سنڌ جيڪو سنڌي قوم جو اھو تاريخي وطن آھي جتي بغير مذھبي نسلي ۽ ذات جي مٿڀيد ۽ انسانيت کان آشنا ماڻھو رھندا آيا آھن ـ اھا ڌرتي انساني تھذيب ۽ ارتقا جي باني رھي آھي ـ
ھندئن جبري طور ۽ زبردستي ھتان ھندستان ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي ـ پنھنجا اجھا مال دولت ۽ سونھري يادون انتھائي مجبوري ۾ ڇڏيون بلڪي ائين چئجي ته کين زوري ھتان لڏايو ويو ـ تاريخ گواھ آھي ته سنڌ جي ترقي ۽ واڌ ويج لاء انھن جيڪو ڪجھ ڪيو ـ انھيء جو عڪس ھنن جي ھندوستان وڃڻ بعد اتي ڪيل ڪارنامن بعد محسوس ڪري سگھجي ٿو ـ ھندئن جي ھن وقت سنڌ اندر موجودگي نھايت کڙو امتحان ثابت ٿي رھي آھي ـ جبري طور شادي ڪرائڻ لاء ھندو نياڻين جون مذھب تبديل ڪرائي شاديون ڪرائڻ ۽ انھن جو ڀنگ لاء اغوا جا واقعا ڪافي پراڻو عمل ٿي چڪو آھي ـ انھن لاء امن امان جي خراب ٿي ويل صورت حال ڪارڻ روزانو جي بنياد تي ھندو ڪٽنب سنڌ مان ڳوڙھا ڳاڙھيندا لڏين پيا ـ
معصوم ھندو نياڻي پريا ڪماري جو اغوا اڄ ڪالھ سوشل ميڊيا ڪارڻ ھاء پروفائيل واقعو بڻجي چڪو آھي ـ جنھن ۾ سرڪار ۾ ويٺل سياستدانن وزيرن وڏيرن ۽ تر جي چڳن مڙسن لاء وڏا چيلينج کڙا ڪري ڇڏيا آھن ـ ٽي سال اڳ اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جو ڪيس ھن وقت وڌيڪ زور وٺي چڪو آھي ـ جنھن بابت مصروف سوشل ايڪٽويسٽ ٽڪ ٽاڪرز ۽ سياسي سماجي ۽ صحافتي شخصيتن جي دلچسپي سبب روزانو نوان انڪشاف سامھون اچي رھيا آھن ۽ نئين نيئن افواھن جو زور پڻ وڌي رھيو آھي ـ جنھن جا خراب اثر سامھون اچن پيا ـ پريا جي مسلسل ٽن سالن کان گمشدگي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آھي ۽ ڪيترن ئي سوالن جا انڪشافن جي صورت ۾ جواب سامھون آندا آھن ـ تازو سندس والد راجڪمار جي مسلسل ميڊيا وارن سان ملاقان ۾ ميڊيا کان بيزادري جا آثار سندس چھري جي انسپريشن مان ملي وڃن ٿا ـ تنھن کان سواء سنگرار جيڪو تمام ننڍڙو شھر ھجڻ باوجود ڪنھن به ميڊيا واري طرفان پڇا ڪرڻ تي راجڪمار جي گھر جو ڏس پتو نه ٻڌائڻ يا نٿائڻ ظاھر ڪري ٿو ته ڪو تر جي بااثرن جو مسلسل دٻاء ھندو ڪٽنب مٿان آھي جنھن کي راجڪمار زباني تسليم نٿو ڪري پر ان جي چھري جا رنگ اصل ڪھاڻي جا روپ ظاھر ڪن ٿاـ ان کان سواء سنگرار شھر جي اڌ کان مٿي ملڪتن جي مالڪ سيد فيملي جي شاھد شاھ ۽ زاھد شاھ طرفان ٽن سالن بعد انھي ڪيس جي زور وٺڻ ۽ انھن مٿان مسلسل لڳندڙ الزامن ۾ تيزي اچڻ بعد جوابي طور اوچتو ميڊيا آڏو پاڻ کي بي ڏوھي ثابت ڪرڻ مان الائي ڳالھيون سمجھي سگھجن ٿيون ـ جڏھن ته پريا جي والد راجڪمار پاڻ ميڊيا جي روبرو انھيء سيد فيملي جي پاراسيء جا قسم کائي وضاحتون ڪري چڪو آھي ـ ھڪ مک سوال آھي ته سنگرار جي مٿان مڪمل حاڪميت رکندڙ سيد فيملي چي بااثر ھجڻ بعد اھو ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو نينگري کي اغوا ڪري ويو ـ جڏھن ته ٻاھران ڪو ڌاريو يا ڏوھاري قسم جو ماڻھوبڪونھ آيو ؟ـ انھن سيدن جي ھوندي ڪنھن پکيء کي به سنگرار ۾ اچي ڪجھ ڪرڻ جي چرائت نٿي ٿي سگھي ـ ظاھر آھي ان انڪشافن جي ڊپ جا آثار مسلسل نينگري جي پيء راجڪمار جي چھري مٿان پڙھيابويا آھن ـ مشتاق سرڪي جيڪو سنڌي قوم جي غريبن جو ھڏ ڏوکي ھجڻ سبب انھيء مسئلي ڪري ميدان تي نڪري آيو ـ ھن راجڪمار ۽ سنگرار جي مکيء سان ملاقات بعد سوشل ميڊيا تي سکر چي ضلعي مکي ۽ سنگرار جي مکيء متعلق جيڪي الزام لڳايا آھن ـ اھي الزام دوالن جي صورت ۾ جوابن ج گھرجائو آھن ـ جن جا جڳاب اھي ٻئي مکي ۽ راجڪمار ئي ڏئي سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته نينگري جي بازيابي لاء جڏھن مشتاق سرڪي نينگريء جي والد راجڪمار کي ڪٽنب سميت مڪمل حفاظت سان ڪراچيء ۾ رھائش ڪرڻ ۽ ھر طرح سان بازيابي لاء جاکوڙ ڪرڻ بابت آڇ پيش ڪئي ۽ راجڪمار کان مرضي پڇي ته راجڪمار طرفان اھو ٻاراڻو جواب ڏيڻ ته اسان مکين کان صلاح مشوري بعد ڪجھ ڪنداسين ـ اھڙي جوب بعد انھيء منجھيل مامري بابت ڪافي ڪجھ سمچھ ۾ اچي چڪو آھي ۽ ان بعد پويان بااثرن جي ھٿن ھجڻ واري ڳالھيون حقيقيت معلوم ٿين ٿيون ـ
پريا ڪماري جي اغوا واري واقعي جي عرصي دوران سکر پوليس جا پنج کان مٿي ايس ايس پي ايز آيا ۽ ويا ۽ ھر آفيسر طرفان انھيء جي بازيابي لاء واعدا ڪرڻ ۽ واقعي جي ڊراپ سين تائين پھچڻ جي دعوي ڪئي وئي پر حقيقت ۾ ان جي بازيابي جي حسرت ھر سنڌ دوست ۽ امن پسند شخص جي اڃان سوڌو برقرار آھي ـ
ھڪ ڳالھ نھايت واضح ۽ حقيقت تي مبني آھي ته پريا ڪماري جي بازيابي لاء ھر پوليس آفيسر کي سچي نيت سان ڪم ڪرڻو پوندو ـ ان سان گڏوگڏ نينگري جي والد راجڪمار کي بنا ڪنھن ڊپ چي سڀني حقيقتن تان پردو کڻڻو پوندو ـ يا وري انھيء بازيابي ۾ نيڪ نيتيء سان سھڪار ڪندڙ ڌرين سوشل ايڪٽوسٽ صحافي ۽ سماج سڌار شخصيتن يا ادارن سان ڀرپور سھڪار ڪرڻو پوندو ۽ ھندو برادريء جي مکين جي چالاڪين کان سمجھي پنھنجي قوت ارادي سان پاڻ فيصلا ڪرڻا پوندو پر اھو سڀ ڪجھ تڏھن ممڪن آھي جڏھن سنڌ جا اصل وارث ھندو پاڻ کي ھت محفوظ محسوس ڪندا ـ سندن ڪاروبار محفوظ ھوندا انھن جي ڪٽنبن کي تحفظ حاصل ھوندو ۽ اھي ڊپ وچان سنڌ ڇڏي نه ويندا ـ اھي ڏوھارين جي ڌمڪائڻ باوجود ريليڪس محسوس ڪنداـ اھو في الحال ممڪن نظر نٿو اچي ۽ اھو ضرور نظر اچي پيو ته پريا ڪماريء جو ڪيس ٻين ھاء پروفائيل ڪيسن خاص ڪري ھندو برادري جي ڪيسن جيان فائيلن جي نظر ٿي ويندو ـ جڏھن ته نينگري پريا جي والد راجڪمار ۽ امڙ کي 100 سيڪڙو سندس جي بازيابي جي اميدون ڏياريون پيون وڃن رڳو شرط ھڪڙو وڌو وڃي پيو ته اھي حقيقتن تان پردو کڻن بچاء ھر صورت ۾ خاموش رھن ـ ٻئي صورت ۾ پريا جيان سندن جي حياتي پڻ جھنم بڻائڻ جون ڌمڪيون پڻ ملنديون رھندرون يا کين عبرتناڪ انجام کان ڊيجارڻ جو سلسلو ختم نه ٿي سگھندو ـ

پهنجو تبصرو موڪليو