پراڻي پاڪستان کي ٺيڪ ڪيو، نئون به ڏسي وٺنداسين،شاهد آفريدي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي وزير اعظم عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته عمران صاحب! پهريان پراڻي پاڪستان کي ٺيڪ ڪيو، نئون پاڪستان به اسان ڏسي وٺنداسين. خانگي اداري کي ڏنل انٽرويو جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ شاهد آفريدي وزير اعظم عمران خان کي صلاحون ڏئي رهيو آهي. شاهد آفريدي سوال ڪيو ته عمران خان! هاڻ نواز شريف ۽ زرداري جي جند ڇڏيو، اهو ٻڌايو ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟، خان صاحب! اوهان اهو ڪري ڏيکاريو، جنهن بابت عوام سان واعدا ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو