پرائمري استاد پاران اپگريڊ نه ڪرڻ خلاف احتجاج

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)دادو ۾ پرائمري استاد سراپا احتجاج بڻيل جبري فنانس انڪريمينٽس ڪٽوتي،JST ۽ پرائمري ٽيچر کي اپگريڊ نه ڪرڻ خلاف گسٽا مهيسر ۽ پ ٽ الف تعلقا دادو جو سخت احتجاج؛ تفصيل موجب گسٽا مهيسر جي مرڪزي صدر مقصود مهيسر ۽ پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي صدر شفیع محمد سٺيو جي گڏيل احتجاجي عملي اعلان تي گسٽا ضلع دادو ۽ پ ٽ الف تعلقا دادو جا سوين استاد علامہ آء آء قاضي لائبريري پارڪ کان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ناروا سلوڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين کي خطاب ڪندي گسٽا مهيسر  ۽ پ ٽ الف جي اڳواڻن لطف علي ڪولاچي ، پرديپ ڪمار،خدابخش ميمڻ، جمال عبدالناصر لاشاري، عبدالغني گاڏهي، نظر محمد گاڏهي, صفدر جوڻيجو، محمد هاشم پنھور، علي احمد سولنگي، جاويد احمد سولنگي ذوالفقار شاهاڻي، نياز حسين شاهه، امان ﷲ ڪلهوڙو، اقبال هنڱورو، ۽ ٻين استادن دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيوته 2001 کان وٺي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استان کي سالياني انڪريمينٽس ڏنيون ويون آهن، جيڪي فنانس ڊپارٽمينٽ پاران سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ملي ڀڳت سان جبري انڪريمينٽس ڪٽوتي ليٽر جاري ڪيو ۽JEST، ECT ڀرتي ٿيل نون استادن کي سالياني انڪريمينٽس پڻ نه ڏئي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي، ۽ JST ۽  PST استادن کي اپگريڊ نه ڪرڻ نوجوان ۽ محنتي استادن سان ويساهه گھاتي آهي، بيورو ڪريسي جي استاد دشمن پاليسين سنڌ جي ميرٽ تي آيل استادن کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي، سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪري شاگردن جو مستقبل داء تي لڳائي ڇڏيو آهي، پ ٽ الف تعلقا دادو جي اڳواڻ پرديپ ڪمار چيو سنڌ گورنمينٽ هميشه استادن جي حقن تي ڌاڙا هنيا آهن  پرائمري استاد جي پوسٽ اپ گريڊ ٿيڻ کي ٽي مهينا گذري ويا پر اعلي اختيارن جي نااهلي جي ڪري هزارين پرائمري ۽ سيڪنڊري استاد اڃا تائين اينيشل گريڊ ۾ ڪم رهيا آهن، سنڌ گورنمينٽ انڪريمينٽس ڪٽوتي بهاني اسان جا جائز مطالبا مطالبا ڦٻائڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن سنڌ جي استاد جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته سنڌ جا هزارين استاد پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان گڏجي ڪراچي پريس ڪلب جو رخ ڪندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو