پرائمري استاد مٿان حملي خلاف پ ٽ الف جو احتجاج

شڪارپور (ڪاشف نواز ٻرڙو) تعلقي لکي غلام شاھ ٿاڻي دائم ملڪ جي حد ۾ هٿياربندن پاران اسڪول اندر داخل ٿي پرائمري استاد برڪت علي ملڪ مٿان تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو، جنهن خلاف تعلقه شڪارپور جي پرائمري استادن پاران استاد برڪت علي ملڪ مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ استادن رفيق احمد سومرو، عبدالرحمن ملڪ، عبدالغفار شيخ ۽ احسان ڀيو سميت ٻين دانهيندي چيو ته استاد مٿان ڊيوٽي دوران ٿيل حملو تعليم تي حملو آهي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. هنن چيو ته حد جي پوليس نشاندهي ۽ سڃاڻڻ باوجود هن وقت تائين ڪک بڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙ استادن وڌيڪ چيو ته اقبال ملڪ، ڪريم بخش ملڪ، ساوڻ ملڪ، احسان علي، عبدالغني ۽ ٻيا سرعام گهمي رهيا آهن پر دائم ملڪ ٿاڻي جي پوليس ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آندي آهي. هنن چيو ته اسڪول اندر ٻارڙن جي سامهون پرائمري استاد مٿان تشدد ڪري کيس رتو رت ڪيوويو جيڪو انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي. احتجاج ڪندڙ استادن ايس ايس پي شڪارپور، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، تعليم واري سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته استاد مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو