پاڻي چوري جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم، 7 جولاءِ کان سنڌ پنجاب جو دورو

ڪشمور)جي ايم کوسو) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ پنجاب پاران وڌيڪ پاڻي کڻڻ لاءِ ارسا چار رڪني اعليٰ سطحي جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. جيڪا 7 جولاءِ کان تونسا، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن تي پهتل پاڻي ۽ انهن بيراجن مان مختلف واهن کي جاري ٿيندڙ پاڻي جو رڪارڊ چيڪ ڪندي ۽ ارسا چيئرمين کي 23 جولاءِ تي رپورٽ پيش ڪندي. ارسا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان حڪومت سنڌ تي گهٽ پاڻي ڏيڻ جو الزام مڙهيو آهي جڏهن ته سنڌ اهڙو الزام پنجاب تي مڙهيو آهي. ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشن سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي کاتن جي سيڪريٽرين خط لکي فراهم ڪيل شيڊول موجب پنهنجا نمائندن کي موجود هئڻ لاءِ چيو آهي. سنڌيار وٽ ان خط جي ڪاپي موجود آهي.

جنهن موجب اسلام آباد کان 4 رڪني ٽيم جنھن۾ رائوارشادعلي خان ميمبرارسا پنجاب، سيد مظھر علي شاھ ميمبر ارسا سنڌ، خالد ادريس رانا ڊائرڪٽر آپريشن ارسا ان ٽيم ۾ شامل هوندا. هي ٽيم 7 جولاءِ تي اسلام آباد کان تونسا پهچندي، 8 تي گڊو لاءِ رواني ٿيندي، 13 تي سکر ۽ 18 تي حيدرآباد پهچندي ۽ 23 تي واپس اسلام آباد ايندي. هي ٽيم پاڻي جي ماپ جي نظام جو جائزو وٺندي ۽ گيجنگ سسٽم جي بهتري لاءِ سفارشون به مرتب ڪندي. ياد رهي ته هميشه تونسا کان گڊو بئيراج تائين 33000 ھزارڪيوسڪس پاڻي غائب رهندو آهي. ماهرن موجب 22 کان 24 هزار ڪيوسڪس غائب هئڻ ته تيڪنيڪي بنياد تي ٺيڪ آهي پر 33 هزار ڪيوسڪس سمجهه کان ٻاهر آهي، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ پنجاب تي پاڻي چوري جو شڪ ڪندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو