پاڪ ڀارت جنگ، اندروني ۽ ٻاهريان اث، ڇا ڪرڻ کپي؟

پاڪ ڀارت جنگ، اندروني ۽ ٻاهريان اث، ڇا ڪرڻ کپي؟

رحمت الله ٻرڙو
دنيا هن وقت جنگي صورتحال کان تنگ اچي چڪي آھي پر جي چئبو آ تنگ آمد جنگ آمد ته پوء وري به اهڙي حڪمتي عملي اختيار ڪجي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ نقصانات ٿين.اهو ڪيئن ممڪن آھي؟ان کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟يا وري سوال اهو آھي ته انهن پاڙيسري جنگين کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ ان جا ملڪ اندر ملڪ کان ٻاهر پاڙيسري سرحدن تائين ۽ بين الاقوامي صورت ۾ ڪهڙا اثرات پون ٿا تنهن تي غور ڪرڻ،انهن تي ضابطو آڻڻ ۽ انهيء صورت ۾ صورتحال کي پنهنجي حق ۾ آڻڻ لاء ڪهڙا اپاء وٺجن سو پڻ اڄ جو موضوع آھي. اسان جي ملڪي سفيرن ۽ حڪمرانن ۽ سياسي قيادتن يا ڌرين کي کپي ته   وڌ کان وڌ  گڏيل قومن، آمريڪا، روس، عرب دنيا ۽ ٻين سڀني ملڪن سان رابطو ڪري، ڀارت کي تڪرار وڌائڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيڪو خطي لاءِ پر پوري دنيا لاءِ خطرناڪ هوندو. ٻئي طرف، سڀئي سياسي پارٽيون هوشياري سان ڪم ڪن ۽ اندروني امن برقرار رکڻ تي ڌيان ڏين.حڪومت ڪاروباري برادري کي جانچڻ تي ڌيان ڏئي.دنيا ۾ ٿيندو ڇا آھي ته جنگي حالات ۾ ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر وارن اثرن تي زور ڏنو ويندو آھي ته انهن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي.پاڪستان جا پوري دنيا ۾ سفارتخانا سرگرم ٿي جنگ بنديء تي ۽ ٻاهرين ملڪن تي زور ڀرين ته جيئن ڇڙيل جنگي صورتحال ڪنٽرول ٿيڻ ان سان گڏو گڏ ان جا نقصانات گهٽ کان گهٽ ٿين،اندورني معاملن ۾ منافعا خوريء سميت مختلف عوامي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي،انکان اهم اهو آھي ته سڀني ملڪي سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي جا سياسي اختلاف ختم ڪري هڪ ٿي ملڪي رياستي ادارن سان گڏ بيهڻ کپي. جنگين ۽ جهيڙن جا اثرات انتهائي خطرناڪ هوندا آھن،دنيا جي سمجهدار قيادتون جنگ ۽ جدل جون حامي ناهن هونديون.امن سمجهدار قيادتن ۽ قومن جو اهم جز ئي نه پر سندن ڄڻ ته ايمان جو حصو هوندو آھي.مٿي بيان ڪري آيا آھيون ته پاڪستان رياست جا اسٽيڪ هولڊرز هميشھ امن جا متلاشي رهيا آھن پر جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايڏو طاقتور سمجهي بدمستيء جو مظاهرو ڪندو يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس کي جواب به ٿڏي تي منهن ٽوڙ ملندو.انهيء ڪري هتي زور ان ڳالھ تي ڏجي ٿو ته سڀ کان پهريان پاڪستاني سفارتڪارن کي کپي ته پوري دنيا جي ملڪن تي سفارتي زور ڀري سڀ کان پهريان جنگ بنديء لاء زور ڀريو وڃي.اقوام متحده،آمريڪا،سعودي عرب ،يو اي اي ۽ ٻين دنيا جي طاقتور ڌرين کي متوجھ ڪيو وڃي ته هو علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاء ڪردار ادا ڪن.پاڪ ڀارت جنگ جا بارڊرز ۽ پاڙيسري ملڪن تي جيڪي به خراب اثرات پوندا اهو ته آھي ئي آھي.پر ان جنگي اثرات سبب بين الاقوامي پيدا ٿيندڙ خطرن کي رد نٿو ڪري سگهجي.ان ڪري امريڪا،اقوم متحده،سعودي عرب سميت عرب دنيا جا حڪمران  ان ڳالھ کي سامهون ضرور رکن ته پاڪ ڀارت جنگ سان بين الاقوامي معاملا متاثر ٿي سگهن ٿا.ملڪي حڪمرانن کي کپي ته  ملڪ جي سياسي ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سندن راء ورتي وڃي.ان کان علاوه ملڪ اندر جنگي صورتحال ۾ يا  ايمرجنسي صورتحال ۾ ذخيره اندوزيء تي واپاري طبقو ۽ منافعا خور طبقو ڪوشش ڪندو آھي ته عوام کي سستيون شيون مهانگيون سپلاء ڪيون وڃن ۽ منافعو وڌ کان وڌ ورتو وڃي.جنگي ۽ هنگامي صورتحال مان گذرندڙ عوامي طبقو پهريان ئي پريشان هوندو آھي ۽ رهندو  مهانگائيء ۽ منافعا خوريء سبب غريب عوام وڌيڪ پريشان ٿي پوندو آھي،ان ڪري ان منافعا خور طبقي تي ضابطو آڻڻ لاء حڪمرانن کي کپي ته ضلعي حڪومتن جي زميوار آفيسرز کي هدايتون ڏئي سرگرم ڪرڻ کپي ته جيئن موجوده صورتحال ۾ عوام کي پرسڪون رکي دشمن ملڪ جو مقابلو ڪري سگهجي.ان صورتحال ۾ غربت وڌڻ جا ۽ ڏڪار پيدا ٿيڻ جا امڪان پنهنجي    جاء تي آھن.پر ان جنگي صورتحال ۾ ڪابه هنگامي يا ايمرجنسي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي،جنهن سان سياسي سرگرميون محدود يا ختم ٿيڻ جا امڪان آهن.ان حالت ۾ حڪومت کي کپي ته ملڪي هنگامي ۽ جنگي صورتحال کي سامهون رکي   سياسي ڌرين کي يا سياسي فيڪٽرز کي رابطي ۾ مشاورت ۾ رکڻ ضروري آھي.پر جيڪڏهن سيڪيورٽي سنگيني سامهون اچي ٿي ته ان کي مشاورت سان منهن ڏيڻ ضروري آ.

پهنجو تبصرو موڪليو