پاڪستان ۾ سال جي پهرين ڏينهن تي 16 هزار ٻار پيدا ٿيندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اقوام متحده جي اداري بين الاقوامي چلڊرين ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جو چوڻ آهي ته نئين سال جي پهرئين ئي ڏينهن تي پاڪستان ۾ 16 هزار کان وڌيڪ ٻار پيدا ٿيندا جيڪو سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي ڪُل تعداد جو 4 سيڪڙو ٿئي ٿو. سڄي دنيا ۾ موجود ماڻهو اڄ صرف نئين سال جو جشن ئي نه ملهائيندا پر پنهنجي گهر ايندڙ ننڍڙن مهمانن جو استقبال به ڪندا. يونيسيف جي رپورٽ مطابق سال 2020 جي پهرين ڏينهن سڄي دنيا ۾ 3 لک 92 هزار ٻارن جي پيدائش ٿيندي جن ۾ 16 هزار 787 ٻار پاڪستان ۾ پيدا ٿيندا.عالمي سطح تي ٻارن جي پيدائش جي ڪل تعداد مان اڌ ٻار 8 ملڪن ۾ پيدا ٿيندا جن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ٻارن جي پيدائش ڀارت ۾ ٿيندي. يونيسيف موجب پهرين جنوري تي ڀارت ۾ 67 هزار 385، چين ۾ 46 هزار 299، نائيجيريا ۾ 26 هزار 39، انڊونيشيا ۾ 13 هزار 20، آمريڪا ۾ 10 هزار 452، ڪانگو ۾ 10 هزار 247، جڏهن ته ايٿوپيا ۾ 8 هزار 493 ٻارڙن جي پيدائش  متوقع آهي. خيال رهي ته 2018 ۾ 25 لک ٻار پنهنجي پيدائش کان اڳ انتقال ڪري چڪا هئا انهن مان وڌيڪ موت پيدائش کان اڳ پيچش ۽ انفڪيشن جهڙن بيمارين سبب ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو