پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ٿي آهي،ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ڊيسڪ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي آئي آهي. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪشمير مسئلي تي وري  ثالثي ڪرائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻئي ملڪ چاهين ته منهنجي ثالثي واري آڇ اڄ به برقرار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ موجود آهي پر ان ۾ گھٽتائي آئي آهي، ٻه هفتا اڳ جيڪا صورتحال هئي، هاڻي اهڙي ناهي. ياد رهي ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ بابت ڀارتي اپائن سبب ٻنهي ايٽمي پاڙيسري ملڪن ۾ ڇڪتان وڌي وئي هئي. هن وقت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوج موجود آهي ۽ ڏيڍ مهيني کان ڪرفيو نافذ آهي، ڪشميري قيادت گھرن ۽ جيلن ۾ قيد آهي ۽ مواصلاتي نظام بند ڪيو ويو آهي. ڀارتي ظلمن ۽ بربريت بابت اقوام متحده جي انساني حقن بابت ڪمشنر به سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي نرمي جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو