پاڪستان پيپلزپارٽي جي وجود جي بقا وارو سوال

ضمير حسين وسطڙو
پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد ايشيا کنڊ جي وڏي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو 1968 ۾ رکيو ۽ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وڃي تاريخي جلسا ڪيا ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ڪراچي کان خيبر تائين پيپلز پارٽي جو پيغام عام ماڻهن تائين پهچايو جڏهن ته ان زماني ۾ نه انٽرنيٽ هئي ۽ نه ٽيليويزن عام هئي ان هوندي به ڀٽو صاحب گهر گهر ۾ مقبول ٿي ويو سندس سياسي نعري” روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان“ وڏي شهريت حاصل ڪئي۔ 1970ع واري اليڪشن ۾ مغربي پاڪستان ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي جڏهن ته مشرقي پاڪستان هاڻوڪو بنگلاديش ۾ شيخ مجيب الرحمان ڪامياب ٿيو پر بدقسمتي سان شيخ مجيب کي اقتدار نه ڏئي ڪري بنگالي پاڪستان کان الڳ ٿي ويا.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي پاڪستان اندر آمريت خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي آھي، پارٽيء جون جمھوريت لاء ورتل ڪوششون ھميشه ياد رهنديون۔ خاص طور تي ڀٽو خاندان جون جمھوريت جي بحالي، آئين جي بقا لاء لازوال قربانيون آهن، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنرل ضياء طرفان تخت اونڌو ڪري سندس کي بيگناھه ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري کين ڦاھي تي چاڙھي عوامي ليڊر کي شھيد ڪيو ويو جيڪا ھن ملڪ ء عوام سان ويساھه گھاتي ڪئي وئي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو,شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو,شھيد شاھنواز ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام جي بقا جي جنگ وڙھندي پنهنجين جانين جون قربانيون ڏيڻ تائين ھرگز نه ڪيٻايو مطلب ته ڀٽو خاندان جي شھادتن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي….!‏ پر ان پيپلز پارٽي مان عوامي جوش ۽ جنون ختم ٿيڻ جا ڪي سبب ضرور آھن جيئن جسم مان روح نڪري وڃي ته باقي کوکلو ڍانچو بچندو آھي تيئن پيپلز پارٽي مان عوامي سگهه نڪري رڳو وڏيرڪو طبقو وڃي بچيو آھي انڪري جو پيپلز پارٽي جي قيادت عام عوام کان پري رهي سردارن ۽ وڏيرن جي مفان لاء ڪم ڪرڻ لڳي آھي۔
بهرحال موجوده سياسي صورتحال تي نظر وجهنداسين ته نوازشريف چار سال جي خود ساخته جلاوطني ختم ڪري وطن موٽي آيو آهي سندس اچڻ سان ملڪ جي سياست ۾ وڏي هلچل متل آهي جهڙي نموني ملڪ جي رياستي ادارن کيس سهولتون فراهم ڪيون آهن ان مان لڳي رهيو آهي ته ايندڙ وقت جو وزير اعظم نواز شريف ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته نوازشريف ڪورٽن مان سزايافته پڻ آهي هاڻي ڏسون ته موجودهه ڪورٽون ميان نوازشريف جي نااهلي ۽ قيد جي سزا ختم ڪن ٿيون يا نه، اهو وقت ٻڌائيندو پر حالتن مان معلوم ٿئي ٿو ته جهڙي طرح سان ميان نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو لڳي رهيو آهي سندس سڀ ڪيس ختم ٿي سگهن ٿا ۽ اليڪشن ۾ حصو به وٺي سگهي ٿو. جيتري قدر پاڪستان پيپلزپارٽي جو تعلق آهي ته پارٽي هن وقت ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۽ خيبرپختون خواه مان مڪمل طور ختم ٿي چڪي آھي پاڪستان پيپلزپارٽي جي جڳھه پي ٽي آئي والاري چڪي آهي ۽ آزاد ذريعي مطابق پي ٽي آئي هن وقت به ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي ۽ عمران خان جيڪو قيد ۾ آهي ان جي باوجود به سندس مقبوليت ۾ ڪابه ڪمي نه اچي سگهي آهي اگر غير جانبدار ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ عمران خان کي ميان نواز شريف جي مقابلي ۾ لاٿو وڃي ته عمران خان اڪثريت سان کٽي سگهي ٿو.
جيئن ته عمران خان پنهنجي ڪئي جي سزا لوڙي رهيو آهي۔ هن نه صرف ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪايو پر ايتري قدر جو فوجي تنصيبات تي پڻ حملا ڪرائي پاڻ کي رياستي ادارن سان دشمني وارو رول ادا ڪيو ۽ ملڪي ادارا سندس مٿان ڏمريل آهن ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سندس سڀ ساٿي کيس الوداع چئي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿي چڪا آهن يا ڪن وري پنهنجون پارٽيون جوڙي ورتيون آهن هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پاڪستان تحريڪ انصاف ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندي؟ ڇا کيس پوري ملڪ مان قومي ۽ صوبائي حلقن ۾ کيس اميدوار ملي سگهندا؟جواب يقينن نه ۾ آهي۔ ڇاڪاڻ ته جيڪو وقت هن وقت عمران خان مٿان اچي ويو آهي مونکي نٿو لڳي ته ڪو کانئس صوبائي يا قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيندو. ان سان اليڪشن ۾ وڏو خال پيدا ٿيندو ۽ اهڙي اليڪشن تي سوال ضرور اٿندا. هاڻي پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي ته ان پي ٽي آئي جي پيدا ڪيل خال جو فائدو وٺي ۽ اهو به عمران خان جي حمايت سان مشروط آھي۔ڇوته هن وقت ن ليگ ۽ پي پي قيادت ۾ سياسي جنگ جون خبرون به عام ٿي رهيون آھن
جيئن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي پنهنجي اهڙي ڪابه ڪارڪردگي نه رهي آهي جو عوام ۾ وڃي ۽ ڪو پنهنجو بيانيون ٺاهي سگهي سنڌ جي تباهي جا منظر پورو ملڪ ڏسي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جي 15 سالا دور ۾ سنڌ جي جيڪا تباهي ۽ بربادي ٿي آهي ان جي گواهي سنڌ جو هڪ هڪ ماڻهو ڏئي سگهي ٿو. جيتري قدر پنجاب جو تعلق آهي ته ن ليگ ڪڏهن به نه چاهيندي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري۔اگر ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان نااهل ٿي وڃي ٿو يا کيس سزا ٻڌائي وڃي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهندي جنهن جو فائدو ظاهري ۾ ن ليگ کي ٿيندو پر اگر پيپلزپارٽي پنجاب ۽ خيبر پختون خواہ ۾ تحريڪ انصاف سان اتحاد ڪري ٿي ۽ سڀني تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهاري ٿي ۽ تحريڪ انصاف کان سندس ميمبرن کي ووٽ ڪرائڻ جي درخواست ڪري ته اها صورتحال ن ليگ لاءِ ڏکيائي پيدا ڪري سگهي ٿي. اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ جون سگهاريون ڌريون ان ڳالھه ۾ راضي ٿين، اهو ئي هڪڙو واحد رستو آهي جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي کي فيس سيونگ ڏئي سگهي ٿو ۽ سندس ساک به بحال ٿي سگهي ٿي. پر شرط اهو آهي ته ڇا عمران خان يا سندس پارٽي، پيپلزپارٽي جي اهڙي طريقي سان کليل حمايت ڪري سگهي ٿي يا نه اهو وقت تي ٿا ڇڏيون۔

پهنجو تبصرو موڪليو