لاهور (ويب ديسڪ)پاڪستان سپر ليگ ٽيم لاهور قلندرز جي فاسٽ بالر زمان خان چيو آهي ته سندس پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو خواب پورو ٿي ويو آهي، هن شروع ۾ شعيب اختر کي ڏسي بالنگ شروع ڪئي.زمان خان چيو ته هن پرفارمنس جو تسلسل برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن گذريل پي ايس ايل سيزن ۾ به سٺي پرفارمنس ڏني هئي ۽ هن ڀيري به ان لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي قومي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ تي خوش آهيان.هن چيو ته انفرادي ڪارڪردگيءَ سان گڏ اسان جي ٽيم لاهور قلندرز به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، ٽيم پي ايس ايل 7 کٽي ۽ هو اڃا به ان ئي ڪوشش ۾ آهن.فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته هر ڪرڪيٽر جو خواب هوندو آهي ته پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري جنهن لاءِ توهان سخت محنت ڪريو، مان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.زمان خان چيو ته هن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏنو جتي کيس کيڏڻ ۽ پرفارم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته مون کي شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو، مان ڪيمپ ۾ انهن کان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ ميچن ۾ به ائين ئي ڪندو آهيان.لاهور قلندرز جي فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته جيتري تائين ڊيٿ اوور جو تعلق آهي ته ان لاءِ سخت محنت ڪندو آهيان، آف سيزن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مشق ڪندو آهيان، منهنجو مقصد پاڪستاني ٽيم لاءِ بهتر ڪرڻ آهي ان کان به وڌيڪ بهتر ڪرڻ آهي جيڪو هاڻ ڪري رهيو آهيان. نوجوان فاسٽ بالرز جي وچ ۾ مقابلي بابت زمان خان چيو ته ڪيترائي نوجوان فاسٽ بالر اچي رهيا آهن، انهن ۾ سخت مقابلو هوندو آهي، جڏهن مقابلو سخت هوندو آهي ته محنت ڪرڻي پوندي آهي، جيڪا هر ڪو ڪري رهيو آهي ۽ مان به ڪري رهيو آهيان. زمان خان چيو ته مان شعيب اختر کي شروع کان ئي ڏسندو رهيو آهيان، هو اسان جو اسپيڊ اسٽار رهيو آهي، مان ان کان متاثر ٿي بالنگ شروع ڪئي.
