پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ناڪام

سمير ساگر قريشي
پاڪستان سپر ليگ (PSL) پاڪستان جي ھڪ پروفيشنل ٽوئنٽي 20 ڪرڪيٽ ليگ آھي. جنھن ۾ مختلف صوبن جي نمائندگي ڪندڙ فرنچائز ٽيمون شامل آهن. ٽورنامينٽ ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي رانديگر حصو وٺندا آهن. پاڪستان سپر ليگ جي شروعات 2016ء ۾ ٿي ۽ ٿوڙي ئي وقت ۾ دنيا ۾ مقبوليت ماڻي ورتي. جئين ته ٽورنامينٽ ۾ ملڪ جي سڀني صوبن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ان صوبي جي وڏي شھرن يا وري گاديءَ واري شهر جي ٽيم جوڙي وئي آھي. جنھن ۾ ڪراچي ڪنگز، ڪوئٽه گليڊيئيٽر، پشاور زلمي، اسلام آباد يونائيٽيڊ، لاھور قلندر ۽ ملتان سلطان شامل آھن. ھن ٽورنامينٽ جو بنيادي مقصد آھي ملڪ جي مختلف ننڊن توڙي وڏن شهرن جي باصلاحيت نوجوانن کي ھڪ پليٽفارم مھيا ڪري دنيا آڏو آندو وڃي ۽ پاڪستان قومي ٽيم ۾ پنھنجا جوھر ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.
اھڙي ريت سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ڪراچي ڪنگز ٽيم جوڙي وئي آھي. جيڪا پوين 8 سالن کان سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر آئي آھي. ڪراچي ڪنگز ٽيم ۾ اوھان کي ھر ٻولي ڳالهائيندڙ رانديگر ملندو پر سواءِ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ جي. سپر ليگ جي شروعاتي سالن ۾ زاهد محمود، عامر علي، عمران علي، مشتاق ڪلھوڙو جھڙن باصلاحيت رانديگرن جي ھوندي، ڪنھن به ٽيم ڇا پر ڪراچي ڪنگز به انھن کي خريد نه ڪيو. افسوس ته ان ڳالھ جو آھي جو سپر ليگ جي شروعاتي 3 سيزن ۾ ڪوبه سنڌي ڳالهائيندڙ رانديگر شامل ئي نه ڪيو ويو ھيو. ليگ اسپنر زاهد محمود ته پوين 15 سالن کان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ پڻ پنھنجا جوھر ڏيکاري رھيو آھي. پر ان ھوندي به ڪراچي ڪنگز سپر ليگ جي 3 سيزن ۾ ان کي خريد ڪري وري نيڪالي ڏئي شعيب ملڪ جي معرفت سيال ڪوٽ سان تعلق رکندڙ ليگ اسپنر اسامه مير کي ان جي جاءِ تي خريد ڪيو.
لڳاتار 3 سالن تائين سنڌي رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نوجوانن ۽ سنڌ دوست تنظيمن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مزاحمتي پوسٽون ۽ تحريرون لکيون جنھن کانپوءِ سپر ليگ جي چوٿين ۽ پنجين سيزن ۾ وري به ڪراچي ڪنگز نه پر ڪوئٽه گليڊيئيٽر ليگ اسپنر زاھد محمود کي خريد ڪيو پر ان ۾ به سندن کي ڪجھ رانديون کيڏايون ويون. جنھن کانپوءِ سپر ليگ جي ڇھين سيزن ۾ ملتان سلطان شاھنواز ڏاھاڻي کي خريد ڪيو ۽ کيڏڻ جا موقعا پڻ فراھم ڪيا. گذريل 3 سيزن کان شاھنواز ڏاھاڻي ملتان سلطان جو حصو رھيو آھي.
بھرحال ڪراچي ڪنگز ھينئر تائين ڪنھن به سنڌي رانديگر کي پنھنجي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي زحمت ناھي ڪئي صرف ھڪ دفعو مشتاق ڪلھوڙو نالي سکر ضلعي سان تعلق رکندڙ نوجوان کي ڪراچي ڪنگز سپر ليگ جي ٽين سيزن ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھيو پر ان اعلان تي عمل نه ٿي سگھيو. ڪراچي ڪنگز ٽيم انتظاميا بس صرف اعلان تائين محدود رھي سگھي. ڪراچي ڪنگز ٽيم صرف ھڪ شھر جي نمائندگي نه پر پوري صوبي جي نمائندگي ڪري ٿي ته پوءِ ان ۾ ھر ٻولي ڳالهائيندڙ رانديگرن شامل آھن سواءِ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جي ائين ڇو؟ پوءِ ھاڻ اسان ڇا سمجهون ته ڪراچي ڪنگز ٽيم انتظاميا سنڌي رانديگرن سان تعصب پرستي ڪري رھي آھي؟ ڇا ان جي پويان وجه صرف اھا آھي جو اھي ڪراچي شھر سان تعلق نه ٿا رکن يا وري سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ رانديگر ڪراچي ڪنگز مالڪ ۽ انتظاميه کي پسند ناھن؟ ڇا سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کي ڪراچي ڪنگز ٽيم انتظاميا جرم سمجھي ٿي؟ ان سوالن جا جواب ڪراچي ڪنگز ٽيم انتظاميا کي ڏيڻا پوندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پاڪستان سپر ليگ انتظاميا کي به اھو سوچڻ گهرجي ته ڇو سنڌي رانديگرن کي سپر ليگ ۾ تمام گھٽ موقعا ڏنا وڃن ٿا؟ سنڌ جي راندين واري وزير کي به ان تي غور ويچار ڪرڻ گھرجي، ان ناانصافي خلاف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالھ ٻولھ ڪري ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ رانديگرن کي پنھنجا حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو