پاڪستان جي ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست

ڪينبرا(ويب ڊيسڪ)  پاڪستان جي عورتن جي ڪرڪٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي وومن ورلڊ ڪپ 2020 ۾ پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا ويسٽ انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهيون.

جواب ۾ پاڪستاني ٽيم بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪيو ۽ گهربل اسڪور 19.2 اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پاڪستاني اوپنر جويريا خان 28 بالن تي جڏهن منيبه علي 26 بالن تي 25 رنسون ٺاهيون. ڪپتان بسمه معروف38 جڏهن ته ندا ڊار 18 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي. جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ايفي فليچر ۽ اسٽيفني ٽيلر هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو