اعجاز علي تيوڻو
پاڪستان ۾آگسٽ جو مھينو شروع ٿيندئي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ يوم آزادي پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملھائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ رھندڙ ھر قوم لاءِ ڪجھ ڏينھن اھڙي طرح اھميت رکندا آھن جنھن جو ذڪر دلين کي باغ بھار بڻائي ڇڏيندو آھي پاڪستان جي تاريخ ۾ 14 آگسٽ (يوم آزادي پاڪستان) پڻ وڏي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته 14 آگسٽ يوم آزادي صرف ھڪ ڏينھن نه پر انھن مجاھدن جي قربانين جو پيغام پڻ آھي جن جي قربانين جي ڪري اسان کي آزاد ملڪ مليو آزادي جو مطلب ۽ قدر انھن کان پڇا ڪجي جيڪي اڄ به قيد ۾ وقت گذاري رھيا آھن يوم آزادي جو لفظ زبان مان نڪرندئي تحريڪ پاڪستان جي دؤر جي ياد تازي ڪري ٿو ۽ اھو زمانو تصور ۾ اڀرڻ لڳي ٿو جڏھن برصغير جي مسلمانن پنھنجي عزم ۽ حوصلي سان پنھنجي مستقبل جي عمارت تعمير ڪري رھيا ھئا اھو دور مسلمانن لاءِ تمام گھڻو ڏکيو دور ھو ھڪ طرف انگريز جيڪي ھزارن سالن کان ھتي حڪومت ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪري رھيا ھئا ان نازڪ دور ۾ قائد اعظم محمد علي جناح آزادي جي سج جي علامت بڻجي اڀريو آزاديءَ جو اھو سج جيڪو ڏسندي ڏسندي غلامي جي تاريخن کي ٽوڙيندي آزادي جي روشني سان ماحول جڳمڳائڻ لڳو قائداعظم جي قيادت قدرت طرفان وڏو انعام ھو اھو قائد جنھن باطل جي سامھون جھڪڻ نه پر جھڪائڻ سکيو ھيو.
قائداعظم محمد علي جناح جي ڪوششن سان قوم صدين جو فاصلو سالن ۾ طي ڪيو ۽ 14 آگسٽ 1947 تي انگريزن جي اقتدار کي ختم ڪيو ۽ مسلمانن کي ھڪ آزاد ملڪ ڏنو ان وقت انگريز سامراج مسلم دشمني ۾ ناڪام ٿي چڪا ھئا اسان جي محبوب قائد پنھنجي سمورن دشمنن کي شڪست ڏئي چڪو ھو ۽ دنيا پاڪستان جي وجود کي سلامي عقيدت پيش ڪري رھي ھئي تحريڪ پاڪستان جي اصل قوت ٻه قومي نظريہ ھئي جنھن برصغير جي مسلمانن کي ھڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو ء پاڪستان جي فضائن جو مطلب ڇا لااله الا اللہ جي پرجوش نعرن سان گونجي رھيو ھو اھو ئي نظريہ اسلام پاڪستان جي حقيقي بنياد آھي ان لاءِ جيڪڏھن اسان چاھيو ٿا ته پاڪستان ھر لحاظ سان سربلند ۽ خوشحال ھجي ته اسان کي ان جي نظرياتي بنيادن کي مضبوط بڻائڻو پوندو اسلام ھن ملڪ جو مقدر به آھي ۽ ان جي مستقبل جي ضمانت به آھي
اڄ 14 آگسٽ 2023 تي پوري ملڪ ۾ پاڪستان جي آزادي جو 76ھون ڏھاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملھايو پيو وڃي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ملڪ سان محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ ھر طرف ننڍا توڙي وڏا ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ خصوصي دعائون گھري رھيا آھن جڏھن ته قومي ھيروز پاران آزادي لاءِ ڏنل قربانين بابت نوجوان نسل کي آگاهي ڏيڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي نغمن ۽ تقريري مقابلن ۾ ڀرپرو حصو ورتو پيو وڃي جڏھن ته سرڪاري عمارتن کي قومي جھنڊين ۽ رنگ به رنگي بلبن سان سينگاريو ويو آهي ۽ سرڪاري ادارن ۾ پڻ يوم جشن آزادي جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪايو پيو وڃي اچو ته ملڪ جي آزادي واري ڏهاڙي تي اھو وچن ڪيون ته ملڪ کي سرسبز بنائڻ لاءِ وڻڪاري سان گڏوگڏ ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ بھتري لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين ۽ پنھنجي ملڪ کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.