اسلام آباد(بيورو رپورٽ)يوم آزادي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو قيام 20 صدي جو معجزو آهي، 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو تاريخي ڏينهن آهي جيڪو اسان کي ماضي جي ياد ڏياري ٿو.هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن موجوده صورتحال تي غور فڪر ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير جي دعوت آهي، 23 مارچ 1940ع تي برصغير جي مسلمانن هڪ الڳ وطن قائم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو.وزيراعظم چيو ته اسان جي گذريل 75 سالن جي سفر ۾ اسان کي جنگين، قدرتي آفتن سميت ڪيترائي بحران ڏٺا آهن، اهڙا ڪيترائي موقعا آيا آهن جڏهن اسان مشڪلاتن کي پار ڪيو ۽ ڪيترائي سنگ ميل حاصل ڪيا.شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان انسانيت کي درپيش مسئلن جي حل ۽ عالمي امن لاءِ ذميوار قوم جو ڪردار ادا ڪيو، يوم پاڪستان تي پنهنجي بانين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.، اسان کي انهن چئلينجن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان جي اڳيان آهن.مسلم ليگ ن جي صدر وڌيڪ چيو ته اڄ اسان سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان سياسي ۽ آئيني جدوجهد جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، ملڪ جو مستقبل آئين تي ان جي روح موجب عمل ڪرڻ ۾ آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان وڏيون ڪاميابيون ۽ بلنديون حاصل ڪرڻ جو مقدر آهي، اسان کي پنهنجي صفن ۾ متحد ٿي قومي مقصد سان گڏ پاڻ کي آراسته ڪرڻو پوندو.
