پاڪستاني بالر بيوس، برسبين ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به آسٽريليا نالي

برسبين (ويب ڊيسڪ) ناڪام بيٽنگ کان پوءِ پاڪستاني بالر به آسٽريليا جي بيٽسمينن اڳيان بيوس نظر آيا ۽ ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن صرف هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪري سگهيا. برسبين جي گابا اسٽيڊيم ۾ کيڏجندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جي پهرين اننگز ۾ بيٽنگ جاري آهي ۽ ميزبان ٽيم راندي جي ٻئي ڏينهن تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 321 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ انهن پاڪستان تي 72 رنسن جي سبقت حاصل ڪري ورتي آهي. گابا جي تيز رفتار وڪيٽ تي نه نسيم شاهه جي تيز رفتار بالنگ ڪينگروز کي ڊيڄاري سگهي ۽ نه ئي ياسر جي اسپن جو جادو هلي سگهيو. ٻئي ڏينهن جي راند پڄاڻي تي پهتي ته ڊيوڊ وارنر 151 ۽ مارنس لبوشين 55 رنسون ٺاهي پاڪستاني بالرن کي سٺو ڪٽڪو ڏيڻ سان گڏ بيوس ڪري ڇڏيو. جڏهن ته آسٽريليا جو واحد آئوٽ ٿيندڙ برس هيو جيڪو پڻ 97 رنسون ٺاهي ياسر شاهه جي بال تي بولڊ ٿيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 240 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي جنهن ۾ اسد شفيق سڀ کان وڌيڪ 76 رنسون ٺاهي سگهيو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو