پاڪستاني اينيميٽڊ فلم ”ڊانڪي ڪنگ“ اسپين ۾ ڏيکاري ويندي

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) ڏکڻ ڪوريا ۾ مڃتا ماڻڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ ٺهيل اينيميٽڊ فلم ”دي ڊاوڪي ڪنگ“ هاڻي اسپين ۾ ڏيکاري ويندي. فلم بابت حاصل ٿيل تازين خبرن مطابق سياست جي موضوع ٺهيل مزاحيه پاڪستاني اينيميٽد فلم اسپين جي 50 سينيمائن اندر ٽن مختلف زبانن ۾ ريليز ڪئي ويندي. واضح رهي ته اها پهرين پاڪستاني فلم آهي جيڪا اسپين ۾ رليز ڪئي ويندي. فلم ٺاهيندڙ عزيز جنداڻيءَ ميڊيا سان ڳلاهائيندي چيو آهي ته ”اسان بيحد خوش آهيون ته دي ڊونڪي ڪنگ کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو پيو وڃي. ان سان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته اگر ڪهاڻي سٺي هجي ۽ فلم جي تياري مناسب انداز سان ڪيل هجي ته اها دنيا جي هر ملڪ ۾ پسند ڪئي وڃي ٿي“. ياد رهي ته فلم دي ڊونڪي ڪنگ ۾ آزاد نگر نالي جانورن جي هڪ سلطنت ڏيکاري وئي آهي جتان جو بادشاهه يعني شينهن رٽائر ٿي پنهنجي سلطنت ڪنهن نئين بادشاهه حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهي. فلم جي ڪهاڻي ان وقت دلچسپ بڻجي ويندي جڏهن هڪ گڏهه کي سلطنت جو بادشاهه نامزد ڪيو ويندو آهي. پر گڏهه بادشاهه بڻجڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندو. ڪهاڻي انهيءَ موضوع جي چوڌاري گهمندي رهي ٿي ۽ ڏسندڙن کي ڪافي پسند آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو