پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران ايپ تحت صحت ميلو منعقد

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران ايپ پروگرام تحت فيملي صحت ميلو کاهي ممن ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ايگريڪلچر، لائيو اسٽاڪ، سي ڊي آءِ اين جي اوز (نيوٽريشن پروجيڪٽ) جا اسٽال لڳايا ويا. ان موقعي تي صحت ميلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر بشير احمد سولنگي، فوڪل پرسن عبدالستار ٻلال ۽ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن کاتي جي ضلعي آفيسر ذوالفقار لاکو، قاضي مشهود ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صحت ميلي ۾ آيل عورتن ۽ ٻارڙن جو طبعي معائنو ڪري کين مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون ويون. فيملي صحت ميلي ۾ مختلف موسمن جي حوالي سان بيمارين جي چڪاس ڪري انهن کي مفت دوائون ڏنيون ويون. فيملي پلاننگ جي حوالي سان آيل عورتن کي مختلف ليڊي ڊاڪٽرياڻين مفيد مشورا پڻ ڏنا.

صحت ميلي ۾ آسپاس جي ڳوٺن جي ماڻهن جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سٺي ڳالهه آهي ته ههڙا صحت جا ميلا هر ڳوٺ ۾ لڳڻ گهرجن ڇو ته اسپتالون ويجهيون نه هجڻ ڪري اسان کي مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون جنهن لاءِ اهڙيون ميڊيڪل ڪئمپون لڳڻ سان اسان کي مفت طبي چڪاس ڪرڻ سان گڏ مفت دوائون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ مفت ۾ فيملي پلاننگ جي حوالي سان مشورا ڏنا وڃن ٿا جيڪي اسان اڳ ڪڏهن به نه ٻڌا هيا. ان موقعي تي پاپوليشن جي ڊسٽرڪٽ آفيسر ذوالفقار علي لاکو چيو ته فيملي هيلٿ ميلو لڳائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ جاڳرتا ڏيڻ آهي. گهٽ خاندان سان ئي زندگي جون خوشيون ماڻي سگهون ٿا ٻارڙن کي سٺي تعليم سان مالا مال ڪريو گهٽ خاندان زندگي آسان بڻايو. انهن ملڪن ترقي ڪئي آهي جتي آبادي جو ريشو گهٽ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو