ٽوئيٽر جو نئون لوگو متعارف، پکيءَ جي جاءِ تي ’ايڪس‘

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽوئيٽر سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي مشهور پکين جي لوگو جو متبادل متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته ان جو نالو به تبديل ڪيو ويو آهي.ٽوئيٽر جي نئين لوگو جي تصوير ٽوئيٽر جي چيف ايگزيڪيوٽو لينڊا ياڪارينو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پوسٽ ڪئي ۽ ان کي بعد ۾ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تي برڊ لوگو سان تبديل ڪيو ويو.ٽوئيٽر جي نئين لوگو ۾ هڪ ايڪس نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ايلون مسڪ به ان لوگو سان پنهنجي پروفائل تصوير تبديل ڪئي آهي ۽ پنهنجي ٽوئيٽر بائيو ۾ ايڪيس جو اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته ٽوئيٽر جو نالو به تبديل ڪري ايڪس ڪيو ويو آهي.هي ٽوئيٽر جو سڀ کان وڏو شيڪ اپ آهي جڏهن کان ايلون مسڪ آڪٽوبر 2022 ۾ اقتدار سنڀاليو.

پهنجو تبصرو موڪليو