ٽنڊوغلام حيدر جا عوامي اهنج ۽ تماشائي بڻيل انتطاميا،مرتضيٰ لغاري

تعلقہ ٽنڊو غلام حيدر ۾ عوامي اهنج ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳا تعلقي ۾ بنيادي سهولتن،بجلي ، پيئڻ جي پاڻي ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن علائقي جون واپاري ، سماجي ، اقتصادي سرگرميون به متاثر وڏي آبادي تي ٻڌل تعلقي جو درجو رکندڙ علائقو تباهي جو ڏيک ڏيڻ لڳو ، تعلقي جي مرڪزي شهر ٽنڊوغلام حيدر،مويا،نظرپور ۽ ڏندو شهر ۾ اوندهه جو راڄ قهر جي گرمين ۾ گهۡٽَ ٻوسٽ ۾ بجلي ۽ پاڻي جهڙي بنيادي ضرورتن جي کوٽ سخت مونجهاري جي شڪل اختيار ڪري ورتي ، چونڊيل نمائندا، واسطيدار انتظاميه ۽ ٽائون انتظاميا شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ، تعلقي جي مختلف شهرن ڳوٺن مان زرعي پاڻي ۽ بنيادي جياپي جي سهولتن جي کوٽ سبب لڏپلاڻ جو سلسلو تيزي سان جاري ، بدنامي، بک ، بيروزگاري ۽ جهيڙن جي ڪري هزارين خاندان علائقي مان لڏي سنڌ جي ٻين شهرن ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا اهڙي صورتحال سبب تعلقي جي سياسي سماجي مذهبي جماعتن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل .تعلقي ٽنڊوغلام حيدر جي عوام  پاران خبر ناهي ڪهڙي ڏوهه جي عيوض ملندڙ سزا ۾ گهٽتائي نه ٿي سگهي عوامي اهنج سورن مان تبديل ٿي ناسور بنجي ويا تعلقي ٽنڊوغلام حيدر  جي ننڍن وڏن شهرن ڏندو،نظرپور مويا ۽ ڳوٺن جمال الدين لاشاري،غازي خان لغاري،گل محمد بوهڙ سميت ٻين ۾ انساني جياپي لاء ضروري بنيادي سهولتن بجلي ، گئس ، پيئڻ ۽ زراعت جي پوکي لاء گهربل پاڻي جي کوٽ عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن علائقائي عوام مسلسل حڪومتي بي ڌياني ۽ ننڌڻڪائي جي ڪري مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آهي بنيادي سهولتن ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب تعلقي جي سماجي اقتصادي ۽ واپاري سرگرميون به تيزي سان تباهي طرف وڃي رهيون آهن مک وڏي آبادي  تعلقي جو درجو رکندڙ ٽنڊوغلام حيدر شهر تباهي جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي علائقي ۾ سير سفر ڪرڻ ۽ سروي ڪرڻ سان خبر پئجي ويندي ته جديد دور ۾ هتان جي عوام کي ڪيتريون بنيادي ضروري ۽ شهري سهولتون حاصل آهن گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان تعلقي جي شهرن ٽنڊوغلام حيدر،مويا،نظرپور،ڏندو،شاھ واھ سميت مختلف جائين تي اڌ درجن کان مٿي لڳايل سولر اسٽريٽ لائٽون ترتيب وار سڙي چڪيون آهن جنهن ڪري شهر جي ڪيترين ئي گهٽين ۾ رات جي خوفناڪ اونداهين جو راڄ رهي ٿو ، اونداهين ماحول جو فائدو وٺي رات جا رهزن ٽولين جي صورت ۾ غريبن شريفن جي گهرن ۾ داخل ٿي غيرت کان مٿانهيون وارڌاتون ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا ،قهر جي گرمين گهٽ ٻوسٽ ۾ بجلي ، گئس ، پاڻي جهڙي جياپي لاء ضروري سهولتن جي کوٽ مونجهاري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي چونڊيل نمائندا ۽ واسطيدار انتظاميا سميت ٽائون انتظاميا شهرين جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ بجلي ، گيس ، پاڻي ، صحت ، صفائي ، اسٽريٽ لائيٽ جا مسئلا کٽڻ بجاء وڌي رهيا آهن جنهن ڪري علائقي جي معاشي اقتصادي واپاري ۽ سماجي حالت به وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي زرعي پاڻي جي کوٽ ته تعلقي ٽنڊوغلام حيدر کي بنهه کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي تعلقي جي مک سڀني شاخن جاڙڪي شاخ،مبارڪ واھ،ڍوڪيا واھ،شاھ واھ،امام واھ سميت مختلف شاخن ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي تعلقي جي لکين ايڪڙ زرعي زمين مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب بنجر بڻجي وئي آهي ۽ پاڻي جي کوٽ کانپوء ته سيم ۽ ڪلر به زرعي زمين کي پنهنجي زد ۾ جڪڙي ورتو آهي جنهن ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين سيم ۽ ڪلر سبب ڪلراٺي ۽ زهريلي بڻجي وئي آهي جتي هاڻي گاھ به ڪونه ٿو ڦٽي زرعي پاڻي ۽ ٻين سهولتن بجلي ، گيس ، مٺي پاڻي جي کوٽ سبب علائقي مان لڏپلاڻ جو سلسلو به جاري آهي زرعي پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند کانپوء علائقي ۾ بک بدحالي بيروزگاري قبائلي فسادن جي ڪري هزارين خاندان هن وقت تائين لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن جڏهن ته اهڙو سلسلو تيزي سان هلندڙ آهي زرعي پاڻي جي کوٽ سبب زرعي آبادي متاثر ٿيڻ بعد ڏوهاري ڪارواين ۽ بدنامي ۾ پڻ واڌارو ٿي رهيو آهي ڏينهن ڏٺي ڏوهاري شريف شهرين واپارين کان رستن تان ڏوهه ڪري فرار ٿي وڃن ٿا اهڙي صورتحال کانپوء ٽنڊوغلام حيدر تعلقي جي سماجي ڌرين پاران تباهي جو ذميوار چونڊيل نمائندن ۽ واسطيدار اعلي عملدارن کي قرار ڏيندي چيو ته هن وقت تعلقي ٽنڊوغلام حيدر جو علائقو تباهه ٿي رهيو آهي زمينون ويران ۽ بنجر ٿي رهيون آهن امن امان سميت صحت،تعليم،بجلي،گئس،پاڻي جهڙيون سهولتون به اڻ لڀ ٿي ويون آهن شهرن ۾ روشني صفائي جو ڪوبه انتظام نه آهي علائقي جا چونڊيل نمائندا علائقي جي مسئلن کان بي خبر بڻيل آهن اسان جي شهرن ۾ گندڪچري جا ڍير جمع ٿيل آهن تعلقي جو ڪوبه روڊ نه آهي جنهن مان سفر ڪري آساني سان ٻئي هنڌ وڃي سگهجي حاڪمن جي هوڏ اسان کان جيئڻ جا سڀ وسيلا کسي ورتا آهن هتان جي سماجي اڳواڻن پاران مطالبو ڪندي چيو ته تعلقي سان لاڳاپيل علائقن ۾ سموريون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو