ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام

زيد پيرزداو
سڄي دنيا ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام ملڪن جي ترقيءَ لاءِ گھڻي اھميت رکندو آھي، ڇا ڪاڻ ته اھو نه فقط ماڻھن کي اچ وڃ ۽ ھڪٻئي سان ميل جول جي سھولت ڏيندو آھي پر ان جا سماجي، اقتصادي ۽ سياسي فائدا به ھوندا آھن. ان سان سماج ۾ غربت کي گھٽائي سگھبو آھي، ڪاروبار کي وڏي ھٿي ملندي آھي، مارڪيٽ تائين پھچ آسان بڻجي ويندي آھي، سياحت کي فروغ ملندو آھي ۽ اھڙا ٻيا بيشمار فائدا ٿيندا آھن. ان ڪاڻ ئي دنيا ۾ ٽرانسپورٽ تي اربين رپيا خرچ ڪري مختلف ۽ جديد طريقا استعمال ڪيا ويندا آھن. سڀني ترقي يافته ملڪن ۾ اليڪٽرڪ ٽرينون ھلنديون آھن، جيڪي ڊگھي سفر کي آسان بڻائي ڇڏين ٿيون ۽ جھاز جي مقابلي ۾ سستو ۽ آرامده سفر جو ذريعو بڻجن ٿيون. شھرن اندر به ريلوي پٽڙين جو ڄار وڇايو ويندو آھي، جيڪي روڊ جي مٿان ٽريڪ ٺاھي يا وري انڊر گرائونڊ ھلايون وينديون آھن. روڊن تي وري ٽرامون ۽ بسون ھلايون وينديون آھن. ترقي يافته ملڪن پاڻ وٽ اھو نظام پنجاھ سال اڳ ئي لاڳو ڪري ڇڏيو ھو، جيڪو پرائيويٽ ناھي ھوندو، گورنمينٽ پاران جوڙيل ھوندو آھي پر اسان وٽ شعور ۽ آگاھي ۽ پنھنجي حقن جي ڄاڻ جو عالم اھو آھي ته اليڪٽرڪ ٽرين ۽ ميٽرو ٽرينن جو اڃان ته ڪير مطالبو ئي نه ٿو ڪري!
ترقي يافته ملڪن جي ابتڙ اسان وٽ ٽرانسپورٽ جو شعبو به اسان جي روڊن رستن جھڙو آھي. ٽرانسپورٽ شعبي جي ڪارڪردگيءَ جو مڪمل عڪس ڀڳل ٽٽل روڊ ڏيکاري رھيا ھوندا آھن. اڃان به پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ روڊ رستن جي حالت سنڌ کان ڪافي بھتر آھي. سنڌ کان پنجاب ريل يا روڊ ذريعي وڃو، اوھان کي فرق واضح طور نظر ايندو. پر سنڌ جي ٽرانسپورٽ جي حالت وڏي عرصي کان نڌڻڪي رھي آھي. خاص طور تي سنڌ جي روڊن رستن جي حالت ڏاڍي خراب رھي ٿي، جنھن جو سبب ٽرانسپورٽ جو شعبو حڪومت جي ترجيح ڪڏھن به ناھي رھيو. ٽرانسپورٽ جي منسٽري ته سدائين موجود رھي آھي پر ڪارڪردگي ناھي رھي. خبر نه آھي ته سنڌ کي ڇا جي سزا ڏني پئي وڃي. ڪم تڏھن ٿيندو آھي جڏھن ڪنھن آدرشي شخص کي ڪنھن شعبي جو انچارج بڻايو ويندو آھي. تڏھن ئي ھو ان شعبي ۾ انقلاب آڻيندو آھي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ جي شعبي کي به اھڙي شخصيت جو گهڻي وقت کان انتظار آھي.
ھاڻي ته سنڌ جي روڊن رستن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي. گھٽين کي ته ڇڏيو پر جيڪي مک شاهراهون آھن يا شھر جا مکيہ روڊ آھن، اھي به ڀڳا پيا آھن. گھٽ ۾ گھٽ اھڙو نظام ته جوڙڻ گھرجي جيئن مک شاھراھ جيئن ئي ڪٿان ٽُٽي، ان جي فوري طور تي مرمت ڪئي وڃي. روڊن جي ان خراب صوتحال ۾ غير معياري ڪم ۽ ناقص مٽيريل جي استعمال جو به وڏو عمل دخل آھي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين ته موٽروي آھي پر ڄامشوري کان لاڙڪاڻي تائين موٽروي ناھي. تنھنڪري حڪومت کان مطالبو ٿو ڪجي ته ھن اقتداري مدي اندر اھو موٽروي تعمير ڪيو وڃي. پ پ پ جي ڳڙھ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ئي ڪيترن ئي روڊن جي حالت ابتر آھي. ھتان جا منسٽر، ايم اين اي ڇا انھن روڊن تان نه گذرندا آھن؟ جيڪڏھن گذرندا آھن ته کين گذارش آھي ته ٿورو شيشي کان ٻاھر به نظر رکن ته ڪھڙي صورتحال آھي. راڌڻ ۾ اسٽيشن روڊ جيڪو شھر جو مين روڊ آھي، اھو ئي سال کان ڀڳو پيو آھي. ايئن ئي راڌڻ کان مھين جي دڙي وارو روڊ به سڄو خراب آھي، خاص طور تي وڏي وھڻي روڊ جيڪو درگاھ شريفاڻي ويجھو آھي، صفا رھڙيل آھي. باڊھ شھر کي ته باءِ پاس ئي ناھي. مطلب جنھن کي به باڊھ ڪراس ڪرڻي ھوندي، ان کي سڄو شھر لتاڙي گذرڻو پوندو، جيڪو تمام سوڙھو ھجڻ ڪري سدائين جام به رھندو آھي. سو باڊھ شھر جو باءِ پاس روڊ به الائي ڪڏھن ٺاھيو ويندو؟ ڄامشوري کان سيوھڻ وارو روڊ به پنج سال گذري وڃڻ کانپوءِ به اڃان مڪمل ناھي ٿي سگھيو ۽ ھاڻي به ڪم سست رفتاري سان ھلي رھيو آھي. ايئن ئي رني ڪوٽ جھڙي ورلڊ ھيريٽيج سائيٽ تائين به پھچڻ لاءِ روڊ ناھي، ڪچو رستو آھي!
سڄي دنيا ۾ ٽريفڪ جو اصول ھوندو آھي ته ھڪ پاسي کان تيز رفتار گاڏيون ھلنديون آھن ۽ ٻئي پاسي کان سست رفتار. انڪري خاص طور تي موٽر سائيڪل، رڪشا، بسون يا ويگنون کاٻي پاسي ڏانھن ھلنديون آھن ته جيئن جيڪي گاڏيون تيز رفتاريءَ سان گذرڻ چاھين، انھن لاءِ ساڄي پاسي کان رستو ڇڏيل ھجي. پر اسان وٽ ماڻھن ۾ روڊ تي گاڏين ھلائڻ بابت اھا بنيادي ڄاڻ به موجود نه آھي ۽ جڏھن ڪير انھن کي تيز رفتار لين ۾ سست رفتاري سان ھلڻ تي ھارن يا لائيٽ ڏيندو آھي ته حيران ٿي پوئتي ڏسندا آھن ته ڇو ٿو ھارن ڏئي! جڏھن به مان ڪراچيءَ کان ٻلھڙيجي ويندو آھيان ته ڊرائيونگ دوران نوٽ ڪندو آھيان ته خاص طور تي سيوھڻ کانپوءِ ماڻھو گاڏيون روڊ جي کاٻي پاسي بدران ساڄي پاسي ھلائيندا آھن ۽ ھارن ڏيڻ باوجود گاڏي پاسي تي نه ڪندا آھن. ان کي لين سسٽم چئبو آھي. حڪومت کي گھرجي ته سڄي روڊ تي لين جا پٽا ٺاھين، جيئن ماڻھن ۾ ان اصول بابت آگاھي اچي سگھي، ڇو ته سڄي نيشنل ھاءِ وي تي اھي پٽا ڏنا ئي نه ويا آھن.
اڄ ڪلھ اڪثر ماڻھو ڊرائيونگ ڪندي موبائيل استعمال ڪندي نظر اچن ٿا، جيڪو انتھائي خطرناڪ رجحان آھي. ڪڏھن ڪڏھن ته ايئن لڳندو آھي انھن ماڻھن جي موبائيل استعمال ڪرڻ لاءِ اھو ئي وقت بچندو آھي. حياتيءَ کان وڌيڪ اھم شيءِ ڪھڙي ٿي سگھي ٿي، جنھن کي خطري ۾ وجھي موبائيل استعمال ڪجي. اھو اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهي کان وڌيڪ ڪجھ به نه آھي. ڊرائيونگ دوران ڪال تي ڳالھائڻ به انتھائي خطرناڪ آھي، ڇو ته اوھان جو ڌيان روڊ بدران ٻئي پاسي ٿي وڃي ٿو. ڪال ته ٺھيو پر ھتي موبائيل تي ويٺا ميسيج ڏسندا ۽ لکندا به رھن ٿا. ان کان به ھڪ قدم اڳتي اھي آھن، جيڪي موٽر سائيڪل تي اھي حرڪتون ڪندي نظر اچن ٿا. ڊرائيونگ جو وقت عام طور تي تمام ٿورو ھوندو آھي، جنھن دوران ڪال اچي به ته نه کڻڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن ايترو ئي ضروري ھجي ته ٻه منٽ گاڏي پاسي تي روڪي ڳالھ ڪري ٿي سگھجي. جيئن ته اسان جون پاڙون ٻلھڙيجي ۾ کٿل آھن، تنھنڪري سدائين اھا خواھش جوان رھندي آھي ته جيڪر تڪڙو ڳوٺ وڃجي. پر ڳوٺ جيڪڏھن ڪار ۾ به وڃبو ھو ته اڳي ته اٺ ڪلاڪ به لڳي ويندا ھئا. پر جڏھن کان ڄامشوري کان سيوھڻ وارو ڊبل روڊ ٺھڻ شروع ٿيو، اھو پنڌ گھٽجندو ويو آھي. آخري ڀيرو جڏھن اسان ڳوٺ وياسين ته فقط ساڍا پنج ڪلاڪ لڳا ھئا. ڪراچي کان ميھڙ تائين سٺو روڊ ٿي ويو ھو، باقي ميھڙ کان راڌڻ ۽ ڏوڪري وارو روڊ اڃان تائين تمام خراب حالت ۾ آھي. جيڪڏھن اھو روڊ به سٺي معيار جو ٺاھيو وڃي ته پوءِ ڪراچي کان مھين جي دڙي جو سفر شايد ساڍا چار ڪلاڪ وڃي بچندو. سڄي دنيا ۾ بليٽ ٽرينن جو دور گھڻي عرصي کان رائج آھي پر ھتي سرڪار ان پاسي ڪڏھن ڌيان ناھي ڏنو. جيڪڏھن ان تي ڪم ڪيو وڃي ته ڪراچي کان مھين جي دڙي جو سفر شايد ٽن ڪلاڪن ۾ طئي ٿي وڃي!

ھي آرٽيڪل پنھنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو