ٽائون ڪميٽي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي )مانجهند ٽائون ڪميٽي جا ملازم پگهارن لاء سراپا احتجاجي سڪل ماني چٻاڙي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي .مانجهند ٽائون ڪميٽي  ملازمن  عيد  سميت رهيل ست پگهارون نه ملڻ خلاف ٽئين ڏينهن ب  هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سڪل مانيون ڄٻاڙي آفيس گيٽ آڏو  ڌرڻو هڻي انوکو احتجاج ڪندي ڦاڪا ڪشي بند ڪيو ملازمن کي پگهارون ڏيو جي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ملازمن محمد يوسف عمراڻي اعجاز حسين ميمڻ گل محمد ورياڻي محمد خان لاکو  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت عيد اچڻ باوجود ٽائون انتظاميه سٿ مهينن کان بنا جواز پگهارو  بند ڪري ڇڏيون آھن جنهن سبب اولاد کي عيد ڪپڙا خريد ت مشڪل بڻجي وئي پر ڳڀي ٽڪر لاء سخت پريشان آھيون وياج تي سامان وٺي گذر ڪيو آھي پر هاڻي دڪاندارن به جواب ڏئي ڇڏيو آھي ائڊمنسٽريٽر آسرا ڏئي بلن تي دير سان صحيح ڪئي ت آڊيٽر عيد ڪرڻ لا ڳوٺ روانو ٿي ويو جنهن سبب عيد خوشين کان محروم ٿي ويا آھيون  هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت عيد خوشين کان محروم ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت سخت احتجاج جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو