ٻچڙا بک تي آهن، پگهارون جاري ڪيو، پوليس اهلڪار

ڪنب (صفدرچانڊيو) 2012 ۾ ڀرتي ٿيل پوليس اهلڪار پڪا نه ٿي سگهيا عوامي پريس ڪلب ڪنب اڳيان احتجاج ڪندي شهمير گوپانگ، انورعلي، فداحسين گوپانگ، عبداالجبار وساڻ، جاويد علي رند، پرويز علي بگٽي ۽ ٻين چيو ته 2012 کان ڀرتي ٿيل آھيون هن وقت تائين پنهنجي ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهيون پر گذريل 16 مهينن کان اڳوڻي ايس ايس پي ٺٺو فيصل عبدالله چاچڙ پاران پگهارون بند ڪيون ويون آهن. ان کان پوءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد  نعيم احمد شيخ خاطري ڪرائي يقين ڏياريو ته اوهان کي جلد پڪو ڪيو ويندو. مسلسل احتجاجن باوجود هن مهل تائين ڪوبه کڙتيل ناهي نڪتو هنن وڌيڪ چيو ته فاڪاڪشي سبب ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هنن مطالبو ڪندي چيو ته هن ئي مهيني ۾ پڪو ڪري اسان جون رهيل پگهارون جاري ڪري مسڪين ملازمن مان مايوسي واري ڇانيل لهر ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو