ٻوڏ ۾ لڙهي ويل ڄاڻايل بلڊوزر بند مان ظاهر، انتظاميه ۾ ٿرٿلو

غوثپور(ن س) 2010 جي مها ٻوڏ دوران بندن جي حفاظت لاءِ گهرايل هيوي مشينري لڙهي ويل ڄاڻائي سنڌ حڪومت کان ڪرورين روپيا معاوضي طور وصول ڪرڻ بعد هڪ بند ۾ پوريل بلڊوزر ظاهر ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي لاپرواهي جو هڪ اهم ثبوت روزاني سنڌ يار کي ھٿ آيو آهي. آبپاشي کاتي جي عملدارن ھيوي مشينري جا قيمتي پرزا وڪرو ڪري ڍانچي کي بند ۾ پوري ڪوڙا ڪليم وصول ڪيا هئا. تازو بارش سبب ۽ مقامي ماڻهن پاران حسب روايت بندن جي مٽي کڻڻ دوران هڪ پوريل بلڊوزر ظاهر ٿيو آهي. ٽوڙي بنگلي سامهون ظاهر ٿيل بلڊوزر جا سڀئي قيمتي پرزا غائب آهن. ان ڏس ۾ بي ايس فيڊر جي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ هو ان کي پورن ۽ معاملي کي دٻائڻ چاهن ٿا. بي ايس فيڊر جي انجنيئر محمد شريف مغيري سان ان ڏس ۾ رابطي جي ڪوشش ڪئي ته سندس موبائل نمبر بند مليو ۽ ڪو به ان باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. ياد رهي ته 2010 جي مها ٻوڏ ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا هئا ۽ 2000 فوت ٿيا هئا. 4 هيوي ۾شينريون جن ۾ بلڊوزر به شامل هئا انهن جا ڪليم حڪومت کا ورتا ويا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو