ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا زارا نور عباس تازو نراڻي کي جنم ڏنو آهي ۽ هوءَ پنهنجي ماءُ بڻجڻ واري مرحلي مان گذرڻ جي تجربن بابت ڳالهائي ٿي ته هن ڪيئن زندگي جو هي تجربو ڪيو. عام طور تي پيٽ سان هجڻ دوران عورت جن تبديلين مان گذري ٿي ۽ ٻار چڻڻ بعد ماءُ جو نئون روپ اختيار ڪري ٿي، ان بابت پاڪستاني معاشري ۾ ڳالهائڻ کي پسند ناهي ڪيو ويندو. پر زارا نور انهن تجربن بابت کلي ڪري انسٽاگرام پوسٽ ۾ انهن تجربي مان گذرڻ بابت پنهنجو تجربو شيئر ڪيو. سندس چوڻ آهي ته هن لاءَ بطور ماءُ ذميوارين ۽ جسماني تجربن جي لحاظ کان ڪنهن به نئين ماءُ بڻجڻ واري عورت جيان هڪ نئون تجربو آهي. سندس چوڻ آهي ته ٻار ڄڻڻ بعد 40 ڏينهن کانپوءِ عورت جسماني طور نارمل ٿئي ٿي. اسد صديقي جي گهرواري زارا نور 27 مارچ تي نورجهان نالي نياڻي کي جنم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو