ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 7 رنز تان شڪست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 7 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي، ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ پاڪستان 157 رنز ڄاهي سگهيو. جنهن جَي جواب ۾ ويسٽ انڊيز چئن وڪيٽن جَي نقصان تي 20 اوورز ۾ 150 رنز ٺاهيون، محمد حفيظ، شاهين آفريدي، حسن علي ۽ محمد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، پهرين اننگز ۾ پاڪستان جَي ڪپتان بابر اعظم شاندار ففٽي ٺاهي، محمد رضوان 46 ۽ شرجيل خان 20 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ڪرس گيل، ۽ پولارڊ ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيا. چئن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ پهرين بارش سبب برابر قرار ڏني وئي هئي. 2 ميچ اڃا ٿيڻا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو