ٺٽي ۾ انصاف هائوس جو افتتاح، عوامي خدمت جو عزم

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ٺٽي پاران ضلعي ٺٽي جي ھيڊڪوارٽر مڪلي تي انصاف ھائوس جي افتتاحي تقريب ٿي گذري، آفس جو افتتاح پاڪستان تحريڪ انصاف سينٽرل سنڌ ريجن حيدرآباد جي صدر ۽ اڳوڻي سينيٽر صداقت علي جتوئي، سينيئر نائب صدر محفوظ عرساڻي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد ذوالفقار علي شاھ پاران ڪيو ويو افتتاح کان پوء پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته تنظيم کي مظبوط ڪيو ويندو. ھنن چيو ته تمام جلد ضلعي ٺٽي لا۽ وفاق پاران مختلف اسڪيمون رکرائي ضلعي جي ماڻھن کي رليف ڏياريو ويندو. هنن چيو تـ آفيس پبلڪ پراپرٽي ھوندي آھي جيڪا ورڪرن جي جاگير ھوندي آھي ، گذريل تيرنھن سالن کان سنڌ تي ٿاڦيل پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ م ڪو بـ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي. سنڌ حڪومت کي وفاق پاران اربين روپيا ڏنا ويا آھن پر سنڌ سرڪار جي ڪرپشن جي ڪري اھو رليف عام ماڻھون تائين پھچڻ بجاء حڪمرانن جي ٻاھرين ملڪن جي اڪائونٽس ۾ موڪليا پيا وڃن. تقريب ۾ آجياڻي تقرير ڪندي ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد دائود خاصخيلي سينئر وائيس پريزيڊنٽ امجد شاھ تنظيم ڪاري ۾ درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪئي. تحريڪ انصاف ليبر ونگ ضلعي سينٽرل سنڌ ريجن حيدرآباد جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ـ ويلفيئر ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر گل حسن نھڙيو ـ لائيرز فورم جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ گل محمد خشڪ  ضلعي اڳواڻ جاويد شاھ ـ  ذوالفقار ڳاھو ـ گل جاويد درس ـ  ساجد جوکيو ـ پير نور نبي شاھ ـ راحيل ھالو ـ  حاجي رفيق جوکيو مراد ساٽي سميت سينئر ڪارڪن ۽ اڳواڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو