يگانو ڪردار ڪامريڊ اظهرجتوئي..!

احمدنواز انقلابي
هڪ دفعو باباء سنڌ هائوس جي لان ۾ آءُ ۽ ڪامريڊ اظهرجتوئي ويٺا هياسين جتي اڪثر اسان ڪچهريون ڪنداسين ته ان ڏينهن ڪجه دوست آيا جيڪي منهنجا ڏٺل يا مونسان سندن ڄاڻ سڃاڻ نه هئي انهن ڳالهين ڳالهين ۾ ڪامريڊ اظهرجتوئي کان سوال ڪيو ته ڪامريڊ اوهان پپنهنجي پوري حياتي سنڌ سنڌ ڪندا رهيا آهيو باباء سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو جهنڊو کڻي سنڌ جي ڪنڍ ڪرڇ گهميا آهيو هزارين پروگرام ڪيا آهن اوهان بي لوث تي ماڻهن جي ڏکن ۾ بيٺا آيو پر اوهان کي اها موٽ اڃا ناهي ملي جيڪا ملڻ گهرجي آخر ڇا سبب آهي,! ڪامريڊ اظهرجتوئي مسڪرايو ۽ محبتن ڀرين لفظن سان کيس مخاطب ٿيندي چيائين ته اوهان هيترو پري کان پنڍ ڪري صرف ملڻ لاء آيا آهيو ڇا اها محبت منهنجي لاء گهٽ آهي ڪامريڊ اظهرجتوئي چيو خوبصورت لفظن ۾ چيس ته آءُ هيرو ازم جو قائل ناهيان هروڀرو جي واه ڪرائڻ هروڀرو پروٽوڪول منهنجي ضمير منهنجي سوچ ۽ نظريي جي خلاف آهي مون جيڪو ڪجه ڪيو آهي قوم لاء انهئ تي فخر اٿم مون ڪنهن مسڪين جي ارمانن جو سودو ناهي ڪيو مون ڪنهن مسڪين هارئ کي ناهي کپايو مون پنهنجي هڙان وڙان پنهنجي خواهشن کي ماري پنهنجي ڏاڍي باباء سنڌ حيدربخش جتوئي جي فڪر ۽ سنڌي قوم ۽ پورهيت مزدورن سان نڀايو آهي جيستائين ساه آهي نڀائيندو رهندس ڪامريڊ اظهرجتوئي جتوئي هن همراه کي چيو ته منهنجي گهر ۾ ننڍي کان وٺي قوم دوستي وطن دوستي جا سبق هليا آهن هي ڳاڙو جهنڊو مون اک کوليندي ڏٺو آهي مون پنهنجي ڏاڏا باباء سنڌ حيدربخش جتوئي کي کلندي کلندي جيل ويندي ڏٺو آهي ته گهر ۾ سڄي سڄي رات قوم جو ڪيس ٺاهيندي ڏٺو آهي قوم دوستي منهنجي رت ۾ شامل آهي اظهرجتوئي پاڻ کي قوم جو عاشق چوندو هو ۽ چوندو ته قوم اسان جي محبوب آهي ۽ محبوب ماڻا ن ڪري ته پوء محبوب ڪيئن سڏبو..! ڪامريڊ اظهرجتوئي پنهنجي چيل هڪ هڪ لفظ تي ثابت قدم بيهي ڏيکاريو مشرق جي آمريت خلاف جڏهن احتجاج ٿيا سکر ۾ هڪ احتجاج رکيل هو جنهن ۾ ڪامريڊ اظهرجتوئي تي سڌي فائرنگ ڪئي ويئي پر هو انهئ حملي کان محفوظ رهيو ڪامريڊ اظهرجتوئي جڏهن ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان احتجاج ته چيو ته اشارن تي پيو ڪري ڇو اظهرجتوئي وٽ ته ايتري زمين ڪونهي جنهن لاء کيس پاڻ کپي انهئ تي ڪامريڊ اظهرجتوئي سکر جي لوڪس پارڪ ۾ سنڌ ڌرين گڏيل احتجاج جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جنرل مشرف تون ٻڌ ته توکي ٻڌايو واقعي اها ڳاله صحيح آهي ته آءُ وڏو زميندار نه آهيان مون وٽ زمين ڪونهي پر مون وٽ ضمير آهي جيڪو مون کي پنهنجي خلاف ٿيندڙ سازش تي خاموش نٿو ويهڻ ڏي مون باباء سنڌ حيدربخش جتوئي جو خون آهي جيڪو ويهڻ نٿو ڏئي ۽ اسان توکي ڪنهن سنڌ دشمن سازش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين تنهنجا سنڌ دشمن خواب مٽي ۾ ملي ويندا انهئ احتجاج کان پوء ڪامريڊ اظهرجتوئي جتوئي گرفتار ٿيو ۽ سخت عوامي ردعمل اچڻ کان کيس آزاد ڪيو ويو ڪامريڊ اظهرجتوئي هڪ بيباڪ اڳواڻ هو سخي انسان هو ڪامريڊ اظهرجتوئي جيڪو به پر سندس ڏاڏا باباء سنڌ حيدربخش جتوئي جي نظريي تي اٽل ٿي بيٺل هو ڪامريڊ اظهرجتوئي ذاتي زندگي ۾ تمام گهڻو خوش مزاج يارن جو يار هو وقت پوڻ تي بيهڻ وارو ماڻهو هو ڪامريڊ اظهرجتوئي بي لوث ٿي قوم سان نڀايو هن سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان شاندار ڪردار ڪيو سنڌ تي جڏهن ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪيو ويو انهئ خلاف سڀني سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي ڪردارادا ڪيو سنڌ دوست ڌرين جي سمورن احتجاجن ۾ پاڻ ملهايو آخر ۾ جڏهن سخت بيمار هو اسپتال ۾ انهئ دوران عمران سرڪارجڏهن سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ سازش پئي ڪئي ته انهئ خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جي طرفان احتجاج ڪيا ۽ آخري احتجاج حيدرآباد پريس ڪلب تي سندس اڳواڻي ۾ ٿيو جنهن ۾ هن چيو ته اسان هجون يا نه هجون پر سنڌ ڌرتئ جو انچ به ڪنهن ڌاريي کي ڏيڻ لاء تيار ناهيون سنڌ اسان جو عشق آهي سنڌ اسان جوعقيدو ۽ ايمان آهي ڌرتئ ممتا اتم آهي ۽ هميشه رهندي ڪامريڊ اظهرجتوئي کي پنهنجي ڏاڏا باباء سنڌ حيدربخش جتوئي سان عشق هو ڪامريڊ اظهرجتوئي اهڙو ماڻهو هو جو ڪڏهن ته سندس دوائن جا پئسا به ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جا ڪتاب ڇپرائڻ لاء ڏئي ڇڏيندو هو ڪامريڊ اظهرجتوئي ڪنهن سان نفرت نه ڪندو هو پر هن کي ڪوڙ کان تمام گهڻي نفرت هئي هو چوندو هو انسان جيڪو سخت پريشر ۾ بيهي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏي اٽل هجي ارادا مضبوط هجن هن جي خواهش هئي ته سنڌ هاري ڪاميٽي کي سگهارو ڪجي پر سندس طبيعت اهڙي ٿي چڪي هئي جو هو نڪري نه پيو سگهي ۽ ڪو اهڙو به نه هو هن وٽ جيڪو سنڌ هاري ڪاميٽي کي سگهارو ڪري هلائي پوء هن جيئن جو تيئن ننڍا وڏا پروگرام ڪري سنڌ هاري ڪاميٽي کي هلايو پئي سندس اها خواهش پوري نٿي ۽ زندگي ساٿ ڇڏي ويس اڄ ڪامريڊ اظهرجتوئي کي اسان کان وڇڙيي ٽئي سال ٿي ويا آهن پر سندس جي شفقت محبت پيار ڀريو احساس اڄ به شدد سان کيس جي ياد ڏياريندو رهي ٿو آءُ چاهيان ٿو ته ڪامريڊ اظهرجتوئي جي اها خواهش پوري ڪجي جنهن لاء مسلسل آءُ ڪوشان رهيو آهيان پر وسائل گهٽ هجڻ ڪري اڃا تائين ڪو خاطر خواه نتيجو ناهي ملي سگهيو جدوجهد جاري آهي نيٺ ڪاميابي ملندي ڪامريڊ اظهر جتوئي کي سرخ سلام.

پهنجو تبصرو موڪليو