يوٽيوب ۾ دلچسپ فيچر جو اضافو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)يوٽيوب ۾ نئين دلچسپ فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي جيڪو اهان جي وڊيو فيڊ کي مخصوص رنگن سان ڀري ڇڏيندو.آر جي بي (RGB) نالي فيڊ ۾ مخصوص رنگن تي ٻڌل وڊيوز نظر اينديون. رپورٽ موجب يوٽيوب پاران ريڊ، گرين ۽ بلو ٿيمز جي آزمائش محدود واهپيدارن ۾ ڪئي پئي وڃي.ان فيچر تحت انهن رنگن جا مختلف شيڊز (Shades) وڊيو فيڊ ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا.جڏهن واهپيدر ريڊ، گرين يا بلو مان ڪنهن به رنگ جي چونڊ ڪندو ته ته يوٽيبو هوم پيج تي انهن مخصوص رنگن جون وڊيوز نمايان ٿينديون. رپورٽ موجب جن ماڻهن کي اهو فيچر دستياب آهي، انهن جي آڏو يوٽيوب پاران هڪ پوپ اپ ميسيج موڪليو ويو جنهن تي لکيل هو Craving something new، جڏهن ته هيٺ ٽئي رنگ موجود هوندا.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو نئون فيچر هوم فيڊ کي رنگ موجب ارينج ڪندو ۽ ان سان ماڻهو پنهنجي ترجيح موجب وڊيوز ڳولي سگھندا.

پهنجو تبصرو موڪليو