ياسر شاهه جي سينچري به پاڪستان کي فالو آن کان نه بچائي سگهي

ايڊليڊ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن تي پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ 302 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ايڊليڊ ۾ جاري ڊي اينڊ نائيٽ ميچ ۾ قومي ٽيم آسٽريليا جي 589 رنسن جي جواب ۾ 302 رنسن تي ڍير ٿي فالو آن جو شڪار ٿي وئي آهي. قومي ٽيم آسٽريليا جي پهرين اننگز جي اسڪور جي مقابلي ۾ هن وقت به 287 رنسن جي خساري ۾ آهي. قومي ٽيم جو اسڪور 194 رنسن تي پهتو تي بابر اعظم مچل اسٽارڪ جي بال تي 97 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ياسر شاهه شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي. هن 192 بالن تي 12 چوڪن جي مدد سان سينچري ٺاهي. ياسر شاهه 113 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو جڏهن ته محمد موسيٰ 12 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ 6 ۽ پيٽ ڪمنز 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته هيزلوڊ جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. واضح رهي ته آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگز ۾ 589 رنسون ٺاهي راند ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي ڊيوڊ وارنر ناقابل شڪست 335 رنسون ٺاهيون جڏهن ته مارنس لبوشين به 162 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي هئي. ياد رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ ۾ به آسٽريليا پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو