يارهين ڪلاس ۾ داخلا شروع، فارمن جي ورهاست جاري

سکر (جئيرام داس )يارھين ڪلاس ۾ داخلا جو نوٽيفڪيشن جاري، داخلا لاءِ ب فارم ۽ ويڪسين لازمي قرار، ايندڙ ھفتي ميٽرڪ جي رزلٽ اچڻ جا امڪان. سيڪريٽري بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر رفيق احمد پلهه پاران ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز جي ذريعي جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن موجب تعليمي سال 2021 ۽ 2022 يارهين جماعت (ريگيولر آل گروپس ) لاءِ داخلائن لاءِ آخري تاريخ 09 آڪٽوبر 2021 ڄاڻائي وئي آهي، جڏهن ته ڪلاسن 11 آڪٽوبر 2021 کان شروع ڪيا ويندا. پڌرائي مطابق داخلائون ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي پاليسي موجب يقيني بڻايون وينديون. وڌيڪ معلومات لاءِ لاڳاپيل ڪاليجز ۽ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر سان ٽيليفون نمبر 0719310622 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته 22 آڪٽوبر 2021 کانپوءِ ڪا به داخلا نه ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو