وڪيل قتل ڪيس: خان کي 9 آگسٽ تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ وڪيل عبدالرزاق شر قتل ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ڪوئيٽا جي وڪيل عبدالرزاق شر جي قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي نامزدگي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عمران خان خلاف سنگين غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس مظهر نقوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل آهن.عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ سيٽ تي بيهي حاضري ورتي.قتل ڪيس ۾ مدعي جو وڪيل حاضر نه ٿيڻ سبب وڪيل عبدالرزاق شر دليل نه ڏئي سگهيو. جسٽس يحيٰ آفريدي عمران خان کي چيو ته اسان توهان کي ايندڙ ٻڌڻي تائين رليف ڏئي رهيا آهيون.ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جاچ آفيسر آڏو پيش ٿيڻ جو چيو وڃي. جسٽس يحييٰ آفريدي پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين کي جاچ جي ضرورت آهي؟ جسٽس مظاهر نقوي چيو ته توهان پي ٽي آءِ چيئرمين کان ڪهڙي بنياد تي جاچ ڪرائڻ چاهيو ٿا؟ ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان چيو ته ايف آءِ آر موجب هو عمران خان کان جاچ ڪرڻ چاهين ٿا.جسٽس يحيٰ آفريدي ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين توهان هدايتون وٺو ته درخواستگذار کي جاچ جي ڇو ضرورت آهي، شڪايت ڪندڙ جا دليل پيش ڪيا ويندا، درخواستگذار جي وڪيل موجب کين سڪيورٽي خطرو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين درخواستگذار کي ڪو به حڪم نه ڏئي رهي آهي.عدالت وڪيل قتل ڪيس ۾ عمران خان کي رليف ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت وڪيل قتل ڪيس ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.پراسيڪيوٽر جنرل بلوچستان وڪيل عبدالرزاق شر جي قتل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي نامزدگي بابت جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پراسيڪيوٽر جنرل بلوچستان جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ آر موجب مقتول پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس داخل ڪيو هو.پراسيڪيوٽر جنرل بلوچستان جي جاچ رپورٽ موجب مقتول کي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جاچ دوران گهرو وزارت طرفان 8 جون تي 7 رڪني جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جي صدارت ۾ هن وقت تائين جي آءِ ٽي جا 8 اجلاس ٿي چڪا آهن.پراسيڪيوٽر جنرل بلوچستان جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جي پهرين اجلاس ۾ جوابدارن کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، چيئرمين پي ٽي آءِ کي 19 جون تي طلبي جا نوٽيس موڪليا ويا.جاچ رپورٽ موجب ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ سميت 4 جوابدارن کان جاچ جو فيصلو ڪيو ويو، مقتول جي گهرواري ۽ 2 ڀائرن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا آهن.پراسيڪيوٽر جنرل بلوچستان جي جاچ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪيترائي ڀيرا نوٽيس موڪلڻ باوجود چيئرمين پي ٽي آءِ هن وقت تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو.سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پراسيڪيوٽر جنرل بلوچستان جي جاچ رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي

پهنجو تبصرو موڪليو