وڪيلن جي معرفت چيئرمين کان رهنمائي وٺندو رهندس: قريشي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چيئرمين سان جيل ۾ وڪيلن جي ذريعي رابطو ٿيو ته هدايت وٺندس.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آدمشماري جا نتيجا مئي ۾ آيا هئا.شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته مشاورت به سنت آهي، برڪت به آهي ۽ جمهوريت به آهي.هن چيو ته فيصلا آئين ۽ قانون موجب ٿين ٿا، اسان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.هن جو اهو به چوڻ آهي ته ملڪ کي معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام مان ڪڍڻ جو واحد حل شفاف چونڊون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو