وڏي وزير جي واسو خان سان ملاقات، امدادي چيڪ حوالي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي لوڪ فنڪار واسو خان جي بيماري ۽ غربت بابت شايع ٿيل خبرن جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ساڻس ملاقات ڪري مدد جو فيصلو ڪيو آهي.ڏهاڪو سال اڳ شهزاد راءِ سان گڏ ‘اپني اُلو ڪتني ٽيڙي، اب تڪ هوئي نه سيڌي’ گانو ڳائي شهرت حاصل ڪندڙ واسو خان ڳچ عرصي کان بيمار آهي. شهزاد راءِ به سندس سار نه لڌي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان عالياڻي شهزاد راءِ ۽ واسو خان سان ملاقات ڪري ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو ته هن ٻنهي سان صوبي ۾ تعليم جي صورتحال بهتر ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

https://twitter.com/jam_kamal/status/1292164283808321539/photo/2

هڪ تصوير ۾ بلوچستان جو ثقافت وارو وزير عبدالخالق هزاره واسو کي امدادي چيڪ پيو ڏئي ۽ ٻئي تصوير ۾ وڏو وزير ملاقات پيو ڪري.واسو خان وڏي وزير گهر به ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. واسو کي اڳ ۾ جعفرآباد ۾ گهر وٺي ڏنو هو جيڪو هن مجبوري وچان کپائي علاج پئي ڪرايو. سندس هڪ پٽ کي شهزاد نوڪري به وٺي ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو