دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جي تازو جاري ٿيندڙ ٽيسٽ ريڪنگ مطابق بيٽسمينن ۾ ڀارتي رانديگر ويرات ڪوهلي پهرين نمبر تي جڏهن ته آسٽريليا جو اسمٿ ٻي ۽ مارنوس لڀوشن ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم فهرست ۾ ستين نمبر تي شامل ٿيو آهي. اهڙي طرح بالرن جي ريڪنگ ۾ آسٽريليا جو پاٽ ڪمنز ٽيسٽ ريڪنگ ۾ پهريون نمبر جڏهن ته نيوزيلينڊ جو نيل ويگنز ٻئي ۽ ويسٽ انڊيز جو جيسن هولڊر ٽئين نمبر تي آهي. واضح رهي ته بالرن جي ٽيسٽ ريڪنگ ۾ پاڪستان جو ڪو به بالر ٽاپ ٽين ۾ جڳهه ٺاهي نه سگهيو آهي پر محمد عباس کي فهرست ۾ 17هين نمبر تي رکيو ويو آهي.
